ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي، بلڊرن ۽ مالڪن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي شهر ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ غيرقانوني اڏاوتن خلاف وڏو قدم کنيو آهي، جتي سڀني علائقائي ڊائريڪٽرن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ بلڊرن ۽ مالڪن خلاف فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪرائين، ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل شامير خان ڀٽو پاران جاري ڪيل سرڪاري هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي نوٽيسن ۽ عملدرآمد جي باوجود غيرقانوني اڏاوتن جو سلسلو جاري آهي، جيڪو نه رڳو بلڊنگ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي پر عام شهرين جي جان ۽ مال لاءِ به خطرو بڻيل آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.