پشاور(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ بي رحم فوجي آپريشن سان امن قائم نه ٿيندو، فيصلو ڪندڙ ادارن کي ماضي جي آپريشنن مان سبق سکڻ گهرجي.پشاور ۾ امن جرڳي کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪمرانن کي قبائلي علائقن ۾ معدنيات تي قبضي لاءِ من ماني قانون نه ٺاهڻ گهرجن ۽ انهن کي اوزار طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي آئين ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته ڪنهن به علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ وسيلن تي پهريون حق ان علائقي جي ماڻهن جو آهي.امن جرڳو جماعت اسلامي پاران صوبي ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ مختلف ضلعن ۾ ڪرفيو ۽ فوجي آپريشن جي ڪري پيدا ٿيل صورتحال جي تناظر ۾ منعقد ڪيو ويو هو.جماعت اسلامي جي امير، جماعت اسلامي جي نائب امير، پروفيسر محمد ابراهيم کي اختيار ڏنو ته هو صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي احتجاج، جنهن ۾ ڌرڻا ۽ اسلام آباد ڏانهن مارچ شامل آهن، لاءِ ٻين سياسي پارٽين، قبائلي بزرگن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورو ڪري.