موسمياتي تبديلي ۾ بچاءُ جو سوال

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر عباسي

 جولاءِ ۲۰۲۵ ۾ آمريڪا جي شھرن نيويارڪ، نيوجرسي ۽ ٽيڪساس ۾ ٻوڏ تباھي مچائي ڇڏي آھي۔ گھٽ ۾ گھٽ ۱۳۵ ماڻھون فوت ٿيا آھن ۽ اربين روپين جو مالي نقصان الڳ ٿيو آھي۔ آمريڪا جھڙي ترقي يافتا ملڪ جنھن جو بنيادي ڍانچو ۽ بحالي جو نظام اعليٰ درجي جو آھي اتي زندگي جو نظام درھم برھم ٿي ويو آھي اندازو ڪيو ته  اھڙي شدت واري ٻوڏ پاڪستان جھڙي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ اچي ته نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ ايڏو مشڪل ڪونه آھي۔ جولاءِ ۲۰۲۵ ۾ پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ بارشن جي نتيجي ۾ ۲۵۰ ماڻھون مري ويا آھن ۵۰۰ کن زخمي آھن ۽ ڪيترائي ماڻھو لاپتا آھن۔ مري ويلن ۾ گهڻائي ٻارن جي آھي۔

ھڪ طرف ٻوڏون جلدي جلدي اچڻ لڳيون آھن ته ٻئي طرف سمنڊ جي سطح بلند ٿي رھي آھي جنھن جي ڪري نه صرف سمنڊ ساحلي پٽيءَ ۾ نه صرف زمينون ڳڙڪائي رھيو آھي پر بدين سجاول ۽ ٺٽي جي زمينون لوڻ جي مقدار وڌڻ ڪري غيرآباد به ٿي رھيون آھن۔ شھري علائقن ۾ پاڻي نيڪالي جي ناڪاره نظام جي ڪري وچولي برسات وسڻ سان اربن فلڊنگ واري صورتحال پيدا ٿي رھي آھي۔ موسمياتي ماڊل ٻڌائي رھيا آھن ته گرمي وڌڻ ڪري نه صرف ٻوڏون بار بار اينديون پر سوڪھڙا به ايندا جنھن جي شدت ۾ اضافو ٿيندو۔ ھاڻي سوال اھو آھي ته ان صورتحال کي ڪيئن منھن ڏجي؟ انھن موسمياتي آفتن کي ٽاري ته ڪونه ٿو سگھجي، تنھن جي ڪري ان تبديلي سان رھڻ يعني موسمياتي تبديلي سان موافقت Adoptation واري پاليسي ٺاھي جيئڻ جا جتن ڪرڻا پوندا۔ ماحول سان موافقت جو مطلب آھي ته پنھنجي زندگي گذارڻ جو ڍنگ، بنيادي ڍانچو، پاليسيون ۽ ماحولياتي سرشتي کي موسمياتي تبديلين سان ھم آھنگ ڪجي۔ ايئن ڪرڻ سان ئي موسمياتي تبديلي جي ڪري جيڪا ممڪن ڀڃ ڊاهه ٿيڻي آھي ان جي امڪان کي گھٽائي سگھجي ۽ بقا جي امڪان کي وڌائي سگھجي۔  ھيٺيان قدم کڻي پاڻ کي نقصان کان گھڻي حد تائين بچائي سگھجي ٿو۔

مقامي ماڻھن جي تربيت جو بندوبست، گھرن جي اڏاوت اھڙي نموني ڪئي وڃي جيئن گرمي توڙي ٻوڏ ۾ گھر رھڻ جي لائق رھن، نه صرف انفرادي پر ڳوٺن جي رٿابندي اھڙي طرح ڪئي وڃي جيئن ٻوڏ ۾ ڳوٺن کي بچائي سگھجي، پاڻي استعمال ڪرڻ جي طريقي ۾ جدت پئدا ڪجي ۽ پراڻا تلاءُ ڍنڍون ۽ ڍورا بحال ڪري ان ۾ پاڻي ذخيرو ڪجي ته جيئن پاڻي کوٽ جي وقت گڏ ٿيل پاڻي کي استعمال ڪري سگھجي، مقامي ڏاھپ ۽ معلومات جي آڌار تي کوھن کي بحال ڪجي ۽ وڻن جي پوکائي ڪري ڇانوري کي وڌائجي ته جيئن گرمي کي منھن ڏئي سگھجي، گھڻو پاڻي استعمال ڪرڻ وارن فصلن بدران گھٽ پاڻي استعمال ڪرڻ وارن فصلن جي پوکائي ڪجي ته جيئن پاڻي کوٽ ۾صورتحال کي منھن ڏئي سگھجي،  مينھن جي پاڻي ۽ ڊرپ ايريگيشن زرعي فصلن جي پوکائي ڪجي، اربن ھيٽ آئلينڊ کان بچڻ لاءِ شھرن ۾ وڏي پيماني تي وڻن جي پوکائي ڪجي، ويسٽ مئنيجمينٽ کي شھرن ۾ سگھارو ڪجي ته جيئن نالا صاف رھن ۽ برساتن ۾ پاڻي کي پنھنجي منزل تي پھچائي سگھجي، ساحلي پٽي تي تمر جي ٻيلن کي بحال ڪجي جيئن سمنڊ جي والار کي روڪي سگھجي ۽ ماحولياتي سرشتو قائم رھي، عورتن، نوجوانن،۽ اقليتي آبادي کي موسمياتي پاليسين ٺاھڻ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ماحولياتي انصاف ۽ گڏيل حڪومتي وھنوار جو تاثر قائم ٿئي، مقامي حڪومتن کي مضبوط ۽ بااختيار ڪيو وڃي ته جيئن فيصلا علائقائي صورتحال مطابق وٺي سگھجن، موسمياتي تباھي ۾ مليل امداد کي منصفانا انداز سان ورھائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن امداد حقيقي متاثرين تائين پھچي سگھي، اسڪولن جي نصاب ۾ موسمياتي تبديلي بابت معلومات شامل ڪئي وڃي، موسمياتي تبديلين بابت معلومات کي عام ماڻھن تائين پھچائڻ لاءِ ميڊيا، ريڊيو، مقامي تنظيمن سميت سوشل ميڊيا کي استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ماڻھو نقصان کان بچڻ لاءِ ضروري اپاءُ وٺي سگھن۔

مٿين سموري صورتحال اھا تقاضا ڪري ٿي ته موسمياتي   تبديلي کان بچڻ جو ھڪڙو ئي رستو آھي ته پاڻ کي ماحول سان موافقت پئدا ڪرڻي پوندي جيڪا پاڻ کي بچائڻ جي رٿابندي آھي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.