ڪموڊيا ۽ ٿائيلنڊ جي سرحد تي هڪ ڀيرو وري ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، جنهن ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ تڪرارن کي ٻيهر زندھ ڪري ڇڏيو آهي. جولاءِ 2025 ۾ شروع ٿيندڙ هيءَ ڇڪتاڻ، صرف ٻن ملڪن جي وچ ۾ زميني حدن جو مسئلو ناهي، پر هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو علائقي جي سلامتي لاءِ پڻ وڏو خطرو بڻجي رهيو آهي. فوجي سرگرميون، هوائي حملا ۽ هزارين ماڻهن جي بي دخلي هن مسئلي جي شدد کي واضح ڪن ٿيون. تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي موقعا آيا آهن جڏهن هي سرحدي ڇڪتاڻ جنگ جهڙي صورت اختيار ڪئي آهي. اھڙي ساڳي ريت اڄ به اھو ئي سوال سامهون آهي ته ڇا هي تڪرار هڪ وڏي جنگ جي شروعات آهي؟ ان کي سمجھڻ لاء اسان کي پھرين انهن ٻنھي ملڪن جي ماضي ۾ ٿيل تڪرارن مان جائزو وٺڻو پوندو ۽ ڪوشش ڪري ان سوال جو جواب ڳولڻو پوندو ته ڇا ھي سرحدي تڪرار نئين جنگ جو پيش خيمو آھي؟
ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ٻه پاڙيسري ملڪ آهن، جن جي وچ ۾ گهڻا ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپا موجود آهن. آبادي جي لحاظ کان ٿائلينڊ هڪ وڏو ملڪ آهي، جتي لڳ ڀڳ 70 ملين ماڻهو رهن ٿا، جڏهن ته ڪمبوڊيا جي آبادي اٽڪل 17 ملين آهي. ٻنهي ملڪن ۾ اڪثريت ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن جي آهي ۽ جنھن ڳالهه تي هنن ملڪن جو تڪرار آھي اھو پرياه ويهار مندر آھي، پرياه ويهار مندر ٻنهي قومن لاءِ مذهبي لحاظ سان تمام اهميت رکي ٿو. پرياه ويهار مندر، جيڪو ڪمبوڊيا جي جبلن تي واقع آهي، اٺين صدي عيسويءَ دوران خمير سلطنت جي دور ۾ تعمير ٿيو. جيتوڻيڪ مندر اڄ ڪمبوڊيا جي علائقي ۾ آهي، پر ان جي سرحدي ويجهڙائي سبب ٿائلينڊ به ان تي دعويٰ ڪندو رهيو آهي. اصل تڪرار 1904ع کان شروع ٿيو، جڏهن فرانس (جنهن وقت ڪمبوڊيا جو نوآبادڪار هو) ۽ ٿائلينڊ جي وچ ۾ سرحد جو معاهدو طئي ٿيو. 1907ع ۾ هڪ نقشو تيار ٿيو، جنهن ۾ مندر ڪمبوڊيا جي پاسي ڏيکاريو ويو، ۽ ٿائلينڊ ڪيترن سالن تائين ان تي اعتراض نه ڪيو. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ ڪمبوڊيا اهيو معاملو بين الاقوامي عدالت انصاف (ICJ) ۾ کڻي ويو. 1962ع ۾ ICJ فيصلو ڏنو ته مندر قانوني طور ڪمبوڊيا جو آهي ۽ ٿائلينڊ کي مندر جي حدن مان پنهنجي فوج واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو. ٿائلينڊ هن فيصلي کي ظاهري طور قبول ڪيو، پر عملي طور تڪرار ختم نه ٿيو.
2008ع ۾ جڏهن يونيسڪو پرياه ويهار مندر کي عالمي ورثي طور تسليم ڪيو، ته ٿائلينڊ ان فيصلي تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ ڪجهه علائقن ۾ فوجي جهيڙا به ٿيا. ان جهيڙي ۾ ٻنهي پاسن کان جاني ۽ مالي نقصان جا واقعا به ٿيا. ICJ 2013ع ۾ ٻيهر وضاحت ڪئي ته مندر ۽ ان جي ڀرپاسي جو علائقو ڪمبوڊيا جي مالڪي ۾ آهي، پر ٿائلينڊ ۾ ڪجهه ڌريون اڃا تائين ان فيصلي کي قبول نه ٿيون ڪن.
ھن تڪرار جي باھ ماٺي نه ٿي پر اها اڃا به وڌيڪ شدد اختيار ڪري وئي. وري به هڪ دفعو ٻيهر جولاءِ 2025 ۾ پرياه ويهار مندر ويجهو وري جنگ جي باھ ڀڙڪي پئي. هي مندر، جيڪو اڳ به ڇڪتاڻ جو مرڪز رهيو آهي، هن ڀيري ٻنهي ملڪن جي فوجن جي سامهون اچڻ جو ميدان بڻجي ويو. شروعات معمول جي تڪراري گشت سان ٿي، پر ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڇڪتاڻ هٿيارن جي زبانداريءَ ۾ تبديل ٿي وئي. بارودي حملا، هوائي حملا، ۽ توپن جي گولاباري سان خطي ۾ ھڪ خوفناڪ لھر اڀري آئي .
اڄ جو هي تڪرار اسان لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته تاريخ کان سبق سکڻ کان سواءِ امن قائم نٿو رهي سگهي. بارودن ۽ فوجي ڪارروائين مان ڪڏهن به حل نٿو نڪري، صرف تباهي ۽ ڏک جنم وٺن ٿا. اسان تاريخ جي ورقن تي نظر وجنداسين ته دنيا جي تاريخ جنگن سان ڀري پئي آھي جنھن ۾ وڏا وڏا جنرل مارشل ڊي سيڪس کان ويندي نيپولين بوناپارٽ تائين پنھنجي زندگي ۾ سوين جنگون ڪيون ۽ فتح حاصل ڪيون پر آخرڪار انھن امن کي ترجيع ڏني ساڳي ريت ھاڻ وقت اچي ويو آهي ته ٻنهي ملڪن پنهنجن اختلافن کي سفارتي ۽ پرامن طريقن سان حل ڪرڻ کي ترجيح ڏين،