ميرپورخاص:اجتماعي لڄالٽ ڪيس ۾ فريادڻ پاران جوابدار سڃاڻڻ کان انڪار

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي ڀانسنگھ آباد جي رهواسڻ ٽن ٻارن جي ماءُ ماهم عرف مريم يوسفزئي کي نوڪري جي بهاني گھرائي جوابدارن پاران مبينا اجتماعي ڏاڍائي جو شڪار بنائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورخاص جي عدالت ۾ ٿي جتي الزام هيٺ آيل جوابدار عبدالحڪيم آريسر کي متاثر عورت پاران سڃاڻڻ کان انڪار ڪرڻ تي عدالت جوابدار جي 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي جوابدار عبدالحڪيم آريسر جي وڪيل افضل ڪريم ورڪ چيو ته عدالت ۾ متاثر عورت بيان ڏنو آهي ته رات جي اونداهي جي ڪري هو جوابدارن کي سڃاڻي نه سگھي ۽ عدالت ۾ پيش ٿيل عبدالحڪيم کي هو نه ٿي سڃاڻي جڏهن ته عورت جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ به اجتماعي ڏاڍائي ٿيڻ جي تصديق نه ٿي سگھي آهي ياد رهي ته مبينا اجتماعي ڏاڍائي جو ٿيڻ جو الزام لڳائيندڙ ماهم عرف مريم جا مختلف بيان سامهون اچڻ بعد ان معاملي کي شڪ جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.