رستم ۽ چڪ هٿياربندن جي گهيري ۾، ڪجهه ڪلاڪن ۾ 4 ڄڻا اغوا

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) رستم ويجهو مهر جتوئي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، هڪ ٻئي جي ماڻهن سميت 4 ڄڻا اغوا ڪيا ويا، بعد ۾ کين ڇڏيو ويو، رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعو مھر مان سعد خاناڻي جتوئي ڌر جي هٿياربندن سارين جو رونبو ڪندڙ نوجوان غلام رسول عرف غلام حسين مهر کي مبينا طور تي اغوا ڪيو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پلاند ۾ مهر برادري جي هٿياربندن رستم شهر ويجهو ڪوٽ شاهو واسي نوجوان سچل ڪوش جتوئي کي اغوا ڪري وڊيو وائرل ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته سندس اغوا ٿيل نوجوان غلام رسول عرف غلام حسين مهر جي آزادي جي بدلي ۾ سچل کي آزاد ڪيو ويندو، جيڪڏهن سندن نوجوان قتل ڪيو ويو ته جواب ۾ هن کي پڻ قتل ڪيو ويندو، جنهن بعد علائقي جي چڱن مڙسن تحرڪ وٺي ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪرايو، ڳوٺ جمعو مھر مان اغوا ٿيل نوجوان کي پوليس حوالي ڪرڻ بعد ڊي ايس پي خانپور سندس بازيابي جي دعوا ڪئي ۽ چيو ته پوليس جي دٻاءُ تي ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف رستم لڳ مهر جتوئي ڇڪتاڻ سبب چڪ رستم روڊ رستم شڪارپور روڊ رستم فيضو ڪنڌڪوٽ روڊ سميت مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ روڊ رستن تي قبائلي هٿياربند سرعام گشت ڪندا رهيا جنهن ڪري علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، ٻئي طرف ڳوٺ جمعو مھر واسين رستم لڳ ٿانهريو ڳوٺ ويجهو چڪ لڳ ڪچي جي ڳوٺ درياهه خان ڊکڻ واسي نوجوان واجد علي ڊکڻ کي ڊرائيور سميت اغوا ڪري ڳوٺ کڻي ويا، بعد ۾ سندن سڃاڻپ ٿيڻ تي وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪجهه ڪلاڪن اندر ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب چئن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو، واقعن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.