جاگيرداراڻو نظام رنڊڪ آهي: سنڌ ۾ اصل ٻوڏ متاثرن جي اڪثريت کي گهر نه مليا:ايس اي ايڇ آر

لاهور/حيدرآباد(پ ر) سائوٿ ايشينز فار هيومن رائٽس (ايس اي ايڇ آر) پنهنجي رپورٽ ۾ سنڌ اندر 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ متاثر ماڻهن جي بحالي وارو ڪم انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو سبببڻجڻ سميت ملڪ جي آئين توڙي عالمي طور طئه ڪيل بنيادي اصولن جي معيارن جي ابتڙ ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. اهڙو انڪشاف ڪالهه تنظيم جي اڳواڻن رافع عالم، فاروق طارق، محمد تحسين ۽ شهناز شيدي لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته سائوٿ ايشينز فار هيومن رائٽس(ايس اي ايڇ آر) پاران سنڌ ۾ 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ ٿيل نقصانن، بحالي جي ڪم، سببن ۽ اثرن جي جاچ جي لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ مشن جوڙيو ويو، جنهن سنڌ جي ٽن ضلعن لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ نوابشاهه جي علائقن جو دورو ڪيو ۽ تفصيل گڏ ڪري هڪ رپورٽ جاري ڪري ڪئي آهي. رپورٽ موجب تيز برساتن ۽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري گليشيئرز جي تيز پگھلڻ جي ڪري ملڪ ۾ تباهيون اچي رهيون آهن، سنڌ ۾ 2022ع جي ٻوڏ نه رڳو وڏي تباهي جو سبب بڻي پر موسمياتي ناانصافي جو هڪ سلسلو پڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. ٻوڏ ۾ خاص طور تي هاري ۽ مزدور وڌيڪ متاثر ٿياانهن ماڻهن کي پنهنجن بنيادي حقن تائين رسائي ۾ سنگين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. بنيادي حقن ۾ شمار ٿيندڙ حق بهتر رهائش، آمدني جا ذريعا، کاڌي جي حفاظت، پيئڻ جي صاف پاڻي تائين رسائي، صحت جون خدمتون ۽ تعليمي سهولتون شامل آهن. اهي سڀ ضروري ضرورتون آهن جيڪي هڪ انسان کي باوقار زندگي گذارڻ لاءِ گهرجن ٿيون. پر سنڌ جا ٻوڏ متاثر ماڻهو انهن سمورن حقن کان محروم ٿي ويا ۽ حڪومت جي بحالي واري ڪم دوران سنگين ڀڃڪڙين جي نتيجي ۾ متاثر ماڻهن وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون. فيڪٽ فائنڊنگ مشن جو چوڻ آهي ته سنڌ پاڪستان جو اهو صوبو آهي جنهن 2022ع جي ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ تباهي ۽ نقصان کي برداشت ڪيو. مشن جو بنيادي مقصد اهو ڏسڻ هو ته ڇا ٻوڏ متاثرن جي حقن جو تحفظ انهن جي بحالي جي عمل ۾ ڪيو ويو آهي. پر نتيجن مان ظاهر ٿيو آهي ته ٻوڏ ۽ ساڳئي موسمياتي آفتن تي حڪومت جو ردعمل ملڪ جي آئين ۽ حڪومت جي بين الاقوامي وابستگين ۾ شامل بنيادي انساني حقن جي چارٽر جي ابتڙ هو، ڏٺو ويو ته متاثر جيڪي اڳ ۾ ئي موجوده سماجي ۽ معاشي ڍانچي کان محروم هئا. اهي وڌيڪ مشڪلاتن جي ور چڙهي ويا. بحالي واري ڪم ۾ جاگيردارانه نظام جو ڪردار نظر آيو. صوبي ۾ لاڳو ڪيل جاگيرداراڻي نظام ٻوڏ کانپوءِ انتظامي پاليسين کي متاثر ڪيو. نوابشاهه ضلعي ۾ بااثر زميندارن جي ملڪيتن جي حفاظت لاءِ مختلف هنڌن تي پاڻي کي ٻيو رخ ڏيارڻ جي لاءِ ڪٽ هڻڻ جا الزام به ٻڌڻ ۾ آيا. جنهن سبب غريب ماڻهن جون آباديون ٻڏي ويون. ڪجهه متاثر آبادين کي سرڪاري امدادي ڪاررواين کان مڪمل طور تي خارج ڪيو ويو، نوابشاهه جي يو سي چنيسر ۾ عثمان بروهي ڳوٺ سميت ٻين ڳوٺن کي سرڪاري مدد نه ملي، انهن کي بحالي جي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو. هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 18 باءِ 16 جي هڪ ڪمري وارو گهر هڪ وارو منصوبو الميو آهي، شڪارپور ضلعي ۾ مشن هڪ عورت سان مليو جنهن جي مڙس جون ٻه زالون هيون، ٻئي هڪ ئي گهر ۾ رهنديون هيون، ۽ جيڪا هن ننڍڙي گهر ۾ پنهنجي 9 گهرڀاتين سان گڏ پنهنجي وقار ۽ رازداري کي برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي، کيس 16×18 فوٽن جو ڪمرو هو، جنهن ۾ ڪو به واش روم ۽ رڌڻو نه هو. اهو هڪ ڪمري وارو گهر سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثرين لاءِ هائوسنگ اسڪيم تحت جڙي رهيو آهي، جنهن کي سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽيز (ايس پي ايڇ ايف) چيو وڃي ٿو ۽ ان کي بنيادي طور تي ورلڊ بينڪ ۽ ٻين بين الاقوامي مالي ادارن پاران فنڊ ڪيو ويو آهي، هي عمل بنيادي طور تي ٻوڏ متاثرن جي مناسب رهائش ۽ زندگي جي معيار جي حقن جي خلاف ورزي ڪري ٿو ۽ رازداري ۽ وقار فراهم نٿو ڪري ٿو. هنن چيو ته بي زمين هاري، جيڪي متاثر آبادي جي اڪثريت آهن، انهن کي رهائش جي سهولتن کان محروم ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته هائوسنگ پروگرام ۾ حصو وٺڻ لاءِ زمين جي مالڪي هڪ ضرورت هئي، ڪيتريون ئي عورتون، جيڪي اڳ ۾ ئي هڪ پدرشاهي سماج ۾ مسئلن کي منهن ڏين ٿيون، اهي وڌيڪ پريشان نظر آيون، اهي ڪنهن به سرڪاري امداد جي حاصلات لاءِ وڏو سفر نه پئي ڪري سگهيون. متاثرن جي بحالي وارن پراجيڪٽن ۾ قرضن جو ڄار وڇايل آهي، حڪومت قرض وٺي متاثرن جي بحالي جي نالي تي پراجيڪٽ شروع ڪيا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه هڪ اهڙي مالي ڍانچي اندر ٿي رهيو آهي جتي متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ معاوضي طور فنڊ نه پيا ملن، پر قرض پيو چڙهي. ان قرض جي واپسي جو بار ايندڙ نسلن تي پئجي رهيو آهي، جيڪو ڏهاڪن تائين جاري رهندو، جنهن سان نسلن سان انصاف ۽ ترقي جي حق بابت سنجيده سوال اٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.