ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس محمد جنيد غفار سومرو سڀاڻي پرڏيھه روانو ٿيندو ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين پيوني جج جسٽس ظفر احمد راجپوت سومر 28 جولاءِ تي وقتي چيف جسٽس طور پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو،جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جسٽس ظفر راجپوت کي گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري قسم کڻائيندو ، قانون واري وزارت پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينئر ترين جج ، جسٽس ظفر راجپوت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آھي ، حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس ۾ رکي وئي آهي.