حيدرآباد/ميهڙ (نمائندا) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي ۽ منصور ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته اڄ (27 جولائي) گهوٽڪي ۾ ڌاڙيل راڄ، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ قبيلائي دھشتگردي خلاف ڪانفرنس ڪئي ويندي. هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري انارڪي پکيڙي وئي آهي، سنڌ اندر لاقانونيت جو راڄ آهي، سنڌ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهيل آهي. هنن چيو ته سنڌ جي عوام جي جدوجهد باوجود نون ڪئنالن ۽ نون ڊيمن جي تلوار سنڌ مان لٽڪيل آهي،هوڏانهن عوامي تحريڪ تعلقي ميھڙ طرفان ميهڙ تعلقي ۾ وڌندڙ بدامني، سردارن جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ، جرڳن وسيلي عورتن جي قتلام، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ، ڪامورا شاهي جي ڪرپشن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، تعلقي صدر ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ غلام شبير کوسو، ايڊووڪيٽ ظهير احمد ناريجو، ايڊووڪيٽ رياض احمد مهيسر، ايڊووڪيٽ وسيم سومرو، ايڊووڪيٽ امتياز مهيسر، ايڊووڪيٽ علي رضا زرداري، رستم علي سرگاڻي، گلزار علي چانڊيو، امتياز علي سيال، محمد ايوب مهيسر، ارشاد علي مغيري، نصير احمد سنڌي، احمد علي مهيسر، محمد صديق مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ميھڙ تعلقي ۾ ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، ايس ايس پي دادو پنهنجي ايس ايڇ اوز معرفت سرعام منشيات جي اڏن تان منٿليون وٺڻ ۾ مصروف آهي شهري روز ڦرجن لٽجن پيا پر ميهڙ انتظاميا کي ڪابه پرواھ ناهي ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ ميھڙ تعلقي مان سو کان مٿي موٽر سائيڪلون ڦر ٿيون آهن، پندرھ ويهن کان مٿي ڌاڙا لڳا آهن، چورين جو ته ڪوبه انداز ئي ناهي پر هن وقت تائين ڪو به ڏوھ رڪور نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو به ڏوهاري گرفتار ٿي سگهيو آهي .