ملڪ رياض خلاف ڪارروايون تيز،بحريا ٽائون جو سي اي او ڪرنل(ر) خليل گرفتار

اسلام آباد/لاهور(عمران شفقت+منيب فاروق+زاهد گشڪوري+امداد سومرو)بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض خلاف ڪارروايون ٻيهر تيز ٿي ويون آهن،هن جي هڪ فرنٽ مين ڪرنل(ر)خليل کي گرفتار ڪيو ويو آهي،هن کي بحريا ٽائون جو چيف ايگزيڪٽو آفيسر ۽ڊپٽي چيئرمين به چيو ويندو آهي جيڪو پاڪستان ۾ ملڪ رياض جا سمورا معاملا ڏسي رهيو هو،ذريعن موجب راولپنڊي بحريا ٽائون ۾  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڏن اٽالن هن جي گهر تي چڙهائي ڪئي،گرفتاري دوران ڪرنل خليل جي پٽ  مزاحمت به ڪئي،سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ اهو ڏسي سگهجي ٿو ته ڪرنل خليل جو پٽ چئي رهيو آهي ته مان فوج جو حاضر سروس ميجر آهيان، وارنٽ کان بغير توهان گهر ۾ داخل نٿا ٿي سگهو،اهلڪارن ڪرنل خليل جي پٽ کي به پڪڙي ويگو ڊالي ۾ هڻي ڇڏيو،هڪ عورت چيو ته اسان پاڪستان ۾ پيا رهون يا ڀارت ۾؟اهلڪارن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ تي عورتون روئي رهيون هيون،ذريعن موجب ڪرنل(ر) خليل 8  فيبروري 2024ع واري رات وڏو متحرڪ هو، ڪرنل خليل کي نيب گرفتار ڪيو يا ايف آءِ اي اهو اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهيو،کيس اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته فيض حميد ڪيس ۾ به ڪرنل خليل جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو هو،اطلاع اهي به آهن ته 13 جولاءِ تي ملڪ رياض جي ڀاءُ ملڪ فرحت ۽ سندس ڌيءُ زهرا فرحت کي به گرفتار ڪيو ويو آهي،هڪ ٻئي رٽائرڊ فوجي عملدار کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش جا اطلاع آهن،48 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي،

ڪرنل خليل جو پٽ حاضر سروس ميجر به تشدد جو نشانو

اسلام آباد(راجا عاطف ذوالفقار)بحريا ٽائون جو نائب چيئرمين ڪرنل(ر) خليل ملڪ رياض جو انتهائي ويجهو ساٿي آهي،ملڪ رياض جا سمورا ذاتي معاملا به هو ڏسندو  آهي،هو 24 ڪلاڪ ملڪ رياض سان گڏ رهندو هو،هڪ ڀيري ماضي ۾ بحريا ٽائون ۾ ڪار جو حادثو ٿيو جنهن ۾ مدعي سان ملڪ رياض جي ڊيل مهل ڪرنل خليل نوٽن سان ڀريل بيگ آڻي مدعي حوالي ڪيو هو،ڪرنل خليل ملڪ رياض جا ”انڊر ٽيبل“ڏيتي ليتي وارا سمورا معاملا پاڻ ڪندو هو،گذريل رات ويگو ڊالن ۾ 25 کان 30 سادن ڪپڙن ۽ وردي پاتل اهلڪارن ڪرنل خليل جي گهر تي چڙهائي ڪئي،ذريعن مطابق چڙهائي وقت مزاحمت ڪرڻ تي ڪرنل خليل جي پٽ حاضر سروس ميجر طيب خليل کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو،هن کي به ويگو ڊالي ۾ وڌو ويو بعد ۾ ٿي سگهي ٿو کيس ڇڏيو ويو هجي،تشدد ۾ هو زخمي ٿيو آهي،ڪرنل خليل جي گهرواري کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو،هي ڪارروائي ظاهر ڪري ٿي ته ملڪ رياض جو سج لهي چڪو آهي،ڊيل بدران هن کي وڌيڪ رڳڙو لڳو آهي،رياست وڏي ڪاوڙ ۾ آهي،جڏهن ته ٻه هفتا اڳ ملڪ رياض خلاف ڪيسن ۾ گرفتار بحريا ٽائون جي آفيسرن مني لانڊرنگ جي حوالي سان وڏا انڪشاف ڪيا آهن،ايندڙ ڏينهن ۾ انهن ڪيسن جي جاچ جو دائرو به وڌي سگهي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.