شڪارپور (ن ع آ) امروٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ اورنگ آباد مان پسند جي پرڻي لاءِ گھران نڪتل شادي شده عورت زاھدان جتوئي کي وارثن ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، 18ڏينھن اڳ عورت پنهنجي ئي برادري جي نوجوان ڪشمير جتوئي سان شادي ڪرڻ لاءِ گھران نڪري وئي ھئي، علائقي جي بااثر شخصيت جي مداخلت تي عورت کي وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن کيس ڳچي ۾ رسا وجھي گھٽا ڏيڻ کانپوءِ لاش کي کيرٿر ڪينال ويجھو پاڻي واري مسجد لڳ فٽو ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ذريعن موجب ايس ايڇ او امروٽ ٽن لکن جي رشوت عيوض وارثن جي ھجڻ باوجود پاڻ فريادي ٿي ڪري ڪارنھن الزام ھيٺ آيل نوجوان مٿان عورت جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي.