گهوٽڪي ۽ سکر جا ڊي سي عهدي خاطر وفاقي نوڪري جي ”قرباني“ ڏيڻ لاءِ تيار !

ڪراچي (رپورٽر) گهوٽڪي ۽ سکر جا ڊي سي عهدي تي رھڻ خاطر وفاقي سروس جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا، ساڃاهه وندن پاران  حيرت جو اظهار ڪيو ويو آهي، ٻنهي ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجي پوسٽنگ بچائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪئي پر ذريعن موجب کين گرين سگنل نه مليو جنهن بعد ٻنهي ڪامورن پوسٽنگ تي رهڻ خاطر وفاقي نوڪري جي قرباني ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي ضلعن جا ڊي سيز وفاقي حڪومت وٽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ جوائن ڪرڻ بدران عهدن تي رهڻ خاطر صوبائي سروس ۾ ئي رهڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جا ڪامورا وفاقي اسٽيبلشمنٽ ۾ موقعو وڃائي ڊي سي جي عهدن تي رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن، سنڌ جا آفيسر سنڌ جي ڪوٽا تي پاس ٿيڻ باوجود وفاقي نوڪري جا خواھشمند ناھن، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي امتحان پاس ڪندڙ ڊي سي سکر راجا ايم بي ڌاريجو ۽ ڊي سي گهوٽڪي سيد محمد علي زيدي جيڪڏهن پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ جوائن ڪندا ته مستقبل ۾ 22هين گريڊ تائين پهچي وفاقي سيڪريٽري ٿي سگهن ٿا پر جيڪڏهن صوبائي سروس ۾ ئي رهندا ته 20هين گريڊ تائين پهچي رٽائرڊ ٿي ويندا، ياد رھي تھ تازو ڊپٽي ڪمشنر سکر راجا ايم بي ڌاريجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سيد محمد علي زيدي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو هو جنهن بعد وفاقي اسٽيبلشمنٽ ڊويزن ٻنهي ڪامورن کي 15 ڏينهن اندر وفاق وٽ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، ان سلسلي ۾ سماجي حلقن جو چوڻ آھي تھ ڊي سي سکر ۽ ڊي سي گهوٽڪي جي ڪا خاص ڪارڪردگي ناهي، ٻنهي ضلعن ۾ ادارن جو حال خراب بڻيل آهي، اهي ڪامورا عوام ڀلائي واري ڪمن جو نه پر مخصوص ماڻهن کي راضي رکڻ ۾ پورا آھن.

  • ڊي سي جي پوسٽ ملڻ ڏکي آھي، ان ڪري ڪامورن جي ڪوشش آهي ته عهدو برقرار رهي: اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر

ڪراچي: اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر عوامي آواز کي نالو ظاھر نھ ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڊي سي جي پوسٽ ملڻ ڏکيو آھي، سوين آفيسرن مان مخصوص عملدارن کي ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو گهوٽڪي ۽ سکر جا ڊپٽي ڪمشنر وفاقي سروس جوائن نه ٿا ڪرڻ چاهين، هو ڪوشش ڪن ٿا ته کين ڪا رعايت ملي وڃي ته جيئن سندن پوسٽنگ برقرار رهي ۽ وفاقي سروس به ملي وڃي پر سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ اصول پسند عملدار آهي، انڪري شايد سنڌ جي ڪامورن کي ايئن رعايت نه ملي، باقي وفاقي سروس تان هٿ کڻي سگهن ٿا، اها سندن مرضي اٿن.

  • جتي نظام ”خاص سسٽم“ جو هجي اتي پاليسيون ته بائي پاس ٿينديون !

ڪراچي: سنڌ جي ھڪ اڳوڻي سيڪريٽري  نالو ظاھر نھ ڪرڻ جي شرط تي عوامي آواز کي ٻڌايو تھ وفاقي پاليسي موجب ٻنهي ڊپٽي ڪمشنرن کي وفاقي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جوائن ڪرڻو آهي پر سنڌ ۾ سمورو نظام سسٽم ٿو هلائي انڪري جيڪڏهن سسٽم ڪامورن کي نه ٿو ڇڏي ته هو وفاقي سروس جوائن نه ڪندا ۽ جتي نظام سسٽم جو هجي اتي پاليسيون بائي پاس ٿي وينديون آهن، ھن وڌيڪ چيو تھ  هي ڪامورا وفاقي سروس جوائن ڪندا پر منهنجي ذاتي راءِ موجب ٻنهي ڪامورن کي وفاقي سروس جوائن ڪرڻ کپي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.