اسلام آباد(حماد حسن)صدر آصف علي زرداري جي صحت بابت چيو پيو وڃي ته اها ٺيڪ ناهي،ذريعن موجب هن لاڳاپيل حلقن کي ٽي نالا ڏئي ڇڏيا آهن جيڪي صدارت جي عهدي لاءِ موزون آهن،جنهن ۾ پهريون نمبر سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني،ٻيو نمبر اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٽيون نالو آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر جو آهي،ذريعن موجب ايوان صدر مان صدر زرداري جي رخصتي جي حوالي سان اڳ ۾ خبرون هليون ته ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ جي قوم پرستن کي منٽس آف ميٽنگ ايوان صدر مان ليڪ ٿيا پوءِ اها خبر دٻجي وئي جڏهن ته اها ته سڀني کي خبر آهي ته صدر زرداري کي صحت جا مسئلا پيش آهن،ذريعن موجب صدر زرداري پاران ڏنل ٽي نالا رد ڪيا ويا آهن،جيڪڏهن اهي ٽئي نالا رد ڪيا ويا آهن ته ان جو مطلب ته ايوان صدر ۾ پ پ جو ماڻهو نه ويهاريو ويندو،