9 مئي جي حملي سان لاڳاپيل فيصلا آخرڪار ٻن سالن کان پوءِ اچڻ شروع ٿي ويا آهن. انهن حملن ۾ ملوث ٻين فردن کان علاوه پاڪستان تحريڪ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي ڏھھ ڏهه سالن جي ٽيپ ڏني وئي آھي. جڏهن ته شاهه محمود قريشي ۽ ڪجهه ٻين فردن کي عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو آھي.تحريڪ انصاف جو موقف آهي ته اهو سراسر ناانصافي ۽ ظلم آهي، جڏهن ته حڪومت جو چوڻ آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڏوهارين کي گهڻو اڳ سزا ملي وڃڻ گهرجي ها.ھن وقت بھ 9 مئي سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، جن ۾ عمران خان ۽ ڪيترن ئي ٻين پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ سوين ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ ڪجهه مهينا اڳ سڀني لاڳاپيل عدالتن کي انهن ڪيسن جو فيصلو ڪرڻ لاءِ چئن مهينن جو وقت ڏنو ھو. جيڪو 8 آگسٽ تي ختم ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري توقع ڪئي پئي وڃي تھ 9 مئي سان لاڳاپيل اڪثر ڪيسن جا فيصلا ايندڙ ٻن هفتن ۾ اچي ويندا.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي ڊپ آهي ته انهن مان اڪثريت کي سزا ٻڌائي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان نه رڳو ڊگهي عرصي تائين جيل ۾ رهندو پر پارٽي کي به سخت سياسي نقصان پهچندو، ڇاڪاڻ ته ان جا ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر انهن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پنجاب اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي گذريل ڏينھن عدالتي فيصلي کان پوءِ سزا ٻڌايل قرار ڏنو ويو ۽ ھن کي ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز کي به 9 مئي جي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.جيڪڏهن انهن کي به سزا ڏني وڃي ٿي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ اندر وڌيڪ نقصان ٿيندو، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور به ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي سزا ملي ته صوبي ۾ تحريڪ انصاف جي پنهنجي حڪومت کي به خطرو ٿي سگهي ٿو.
تحريڪ انصاف جي گهڻن ئي اڳواڻن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي انهن خطرن جو چڱي ريت علم ھو. جنهن ڪري انهن جو خيال هو ته گذريل ٽن سالن ۾ جاري تحريڪ ۽ احتجاج، جنھن پارٽي کي نقصان ۽ مشڪلات کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، جي بدران حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.پر خان صاحب ان راءِ کي رد ڪري ڇڏيو. پهرين ته هن چيو ته ڳالهيون صرف فوج سان ٿينديون ۽ جڏهن فوج طرفان ڪا دلچسپي نه ڏيکاري وئي ته هن اعلان ڪيو ته هاڻي ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿينديون، صرف احتجاج ٿيندو ۽ تحريڪ ھلندي.
هن پنهنجي جماعت جي ڪنهن به اڳواڻ جي ڳالهه نه ُٻڌي ۽ واضح طور تي چيو ته احتجاج ۽ تحريڪ جو عروج 5 آگسٽ تي ٿيندو. اڄ صورتحال اها آهي ته نه احتجاج نظر اچي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنھن تحريڪ جو ڪو وجود آهي، ۽ نه ئي ڪنهن کي خبر آهي ته 5 آگسٽ تي انقلاب ڪٿان ۽ ڪيئن آندو ويندو ؟
اصل مسئلو ھي آهي ته تحريڪ انصاف غلطين تي غلطيون ڪري رهي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ نه ان کي ڪجهه حاصل ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي ان جي ڏکيائين ۾ ڪا گهٽتائي ٿي رهي آھي.بلڪھ صورتحال اها آهي ته تحريڪ انصاف آهستي آهستي غير لاڳاپيل ۽ بي اثر ٿيندي پئي وڃي. ان سان هن وقت اھا صورتحال آھي تھ اھا ھاڻي ڪٿي جي بھ نھ رھي آھي !