سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ، ڪي اليڪٽرڪ جي سروي جو حڪم

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ڪي اليڪٽرڪ ۽ نيپرا جي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، نيپرا کي حڪم ڏنو ته هو ڪي اليڪٽرڪ جو مڪمل سروي ڪري. عدالت جي جسٽس فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس حسن اڪبر جماعت اسلامي جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جيڪا ڪراچي ۾ جاري بي ضابطا ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف داخل ڪئي وئي هئي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته 2020 ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او چيو هو ته ڪراچي ۾ ٻڙي لوڊشيڊنگ’ آهي، ته پوءِ هاڻ 2025 ۾ ته لوڊشيڊنگ جو نالو نشان ئي نه هجڻ گهرجي، پر حقيقت بلڪل ابتڙ آهي.عدالت وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ٿوري سي برسات ٿيڻ سان ئي ٽن ٽن ڪلاڪن تائين بجلي بند ٿي وڃي ٿي، نجڪاري کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجو ڍانچو (انفرااسٽرڪچر) ڪيترو بهتر ڪيو؟ ۽ ڪيئن؟ تفصيل فراهم ڪيا وڃن.جڏهن نيپرا جي وڪيل چيو ته اسان پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪري رهيا آهيون، ته عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نيپرا آخر ڪري ڇا رهي آهي؟ جڏهن ته ڪراچي ۾ 12 کان 18 ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي .نيپرا جي وڪيل ٻڌايو ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز نوٽيس ڏنا آهن.ان تي عدالت پڇيو سبب ڄاڻايو نوٽيسن ۽ ڏنڊن جو ڪهڙو اثر ٿيو؟ ڇا ان سان ڪراچي جي ماڻهن کي رليف مليو؟ ڇا لوڊشيڊنگ ختم ٿي؟ جسٽس فيصل ڪمال پڇيو ته نيپرا وٽ ڪو ٽيڪنيڪل عملو آهي يا نه؟ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري کان وٺي هن وقت تائين انهن ڪيترو ڍانچو بهتر ڪيو آهي؟”عدالت آخر ۾ حڪم ڏنو ته نيپرا کي هدايت ڏني وڃي ٿي ته ڪي اليڪٽرڪ جو مڪمل سروي ڪري، ۽ جاچ ڪئي وڃي ته نجڪاري کان پوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي ڍانچي ۽ يوٽيلٽي سروسز ۾ ڪهڙي تبديلي يا بهتري آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.