جرڳن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جي بک هڙتال

لاڙڪاڻو (پ ر) سردارن جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ، جرڳن وسيلي عورتن جي قتلام، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو، علي حسن وڪو، محبوب رڪ راهوجو، عرفان منان چانڊيو، محمد خان چانڊيو، علي محمد وڪو، احمد خان وڪو، نياز خاصخيلي، ادريس عباسي، عباس ڪلهوڙو، عبدالرحمٰن چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪري سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان دوران سنڌ هائي ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي جي اڳواڻي ۾ وڪيلن جي وفد بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته واپڊا چيئرمين چناب ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري جناح جي پاڪستان تي حملو ڪيو آهي، بلاول شهباز اتحادي سرڪار سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي انڊس ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ واري مودي سرڪار جي دهشتگرد پاليسين تي هلي رهي آهي، وفاقي سرڪار مودي جي پاليسين تي هلڻ بدران انڊس ڊيلٽا کي هنگامي طور بحال ڪري ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ طرفان جرڳن تي پابندي لاڳو ڪرڻ باوجود ايپيڪس ڪميٽي قبائلي سردارن کي جرڳن جا اختيار ڏئي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قبائلي دهشتگردي کي هٿي ڏني آهي، سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي تنهن وقت جي ميمبرن خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، جرڳي وسيلي معصوم نياڻي بانو بلوچ جي بي رحماڻي قتل جي ذميوار پيپلز پارٽي جي بلوچستان حڪومت آهي، وڏو وزير قاتل سردار جي حمايت ۾ مهم هلائي انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.