راولپنڊي(م ڊ)چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان تاجڪ چيف آف جنرل اسٽاف سان گذريل ڏينهن راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ باهمي اسٽريٽجڪ مفادن تي خيالن جو ڏي وٺ ٿيو، آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن جي فوجي قيادت پاڪ-تاجڪ ڀرائي وارن لاڳاپن کي ساراهيو، جڏهن ته ٻن طرفي دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي امڪانن تي به ڳالهيون ڪيون ويون، تاجڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف پاڪستاني فوج جي پيشوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو، ملاقات کان اڳ، جوائنٽ اسٽاف هيڊڪوارٽرز آمد تي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
-
چنڊ نظر نه آيو،پهرين صفرسڀاڻي ٿيندي
اسلام آباد(بيورو+م ڊ)مرڪزي رويت هلال ڪميٽي موجب صفرالمظفر جو چنڊ نظر نه آيو، جنهن بعد 1447 هجري جي پهرين صفرالمظفر آچر 27 جولاءِ تي ٿيندي، چيئرمين مرڪزي رويت هلال ڪميٽي مولانا عبدالخبير آزاد چيو آهي تهصفرالمظفر جو چنڊ نظر نه آيو، جڏهن ته اڄ ڇنڇر 30 محرم الحرام ٿيندو،چيئرمين جي اعلان مطابق1447 هجري جي پهرين صفرالمظفر آچر 27 جولاءِ تي ٿيندي، جڏهن ته چنڊ جي رويت بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.