سنڌ حڪومت ڪراچي جي روڊن تان پارڪنگ فيس ختم ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت ڪراچي جي سڀني روڊن تي پارڪنگ فيس مڪمل طور ختم ڪري ڇڏي آهي،سنڌ حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب شهر قائد جي سڀني روڊن تي چارجڊ پارڪنگ فيس وٺڻ تي مڪمل پابندي هوندي، هاڻي پارڪنگ فيس صرف پلازا، پلاٽس يا مخصوص ڪائونسلن جي مخصوص علائقن ۾ ئي وصول ڪئي ويندي، نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شهر ۾ هاڻي سنڌ حڪومت جو ڪو به ادارو پارڪنگ فيس وصول نه ڪندو ۽ غيرقانوني طور شهري کان پارڪنگ فيس وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

، ياد رهي ته ان کان اڳ ڪي ايم سي به پنهنجي اختيار هيٺ ايندڙ شهر جي 32 روڊن تان پارڪنگ فيس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.