مٽياري/هالا(رپورٽ : ضمير خاصخيل+عاقل ابڙو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراھ سيد زين شاھ ايس يو پي جي سينيئر اڳواڻن جڳديشن آھوجا، روشن ٻرڙو ۽ امير علي ٿيٻو سان گڏ مٽياري بار ايسوسيئيشن پھتو جتي ايس يو پي جي مقامي اڳواڻن شڪور ناز خاصخيلي، ارشد آخوند، دودو ديشي، ظھير ساند ۽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن صدر مٽياري بار ايسوسيئيشن محمد اڪرم راجپوت، نائب صدر ظھير جاني سومرو، جنرل سيڪٽري يوسف ڪلھوڙو اڳوڻي صدر بادل ڳاھوٽي، پيرل مجيداڻو، ڪريمداد ھنگورو، سيد علي اڪبر شاھ،قاضي اخلاص ۽ ٻين سندس گلن جي ورکا ۽ سنڌ جي سوکڙين سان استقبال ڪيو مٽياري بار ايسوسيئيشن کيخطاب ڪندي ايس يو پي سربراھ جو چوڻ ھو ته سنڌ جو عوام ڪنهن به ڊيم يا غير قانوني ڪئنال کي قبول نه ڪندو ڀٽو جي پوٽي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاران مون مٿان اعتماد ڪرڻ تي سندس شڪر گذار آهيان اميد ڪريان ٿو هو سنڌ جي مسئلن تي جدوجهد جاري رکندو آئون سنڌ جي هر اشو تي ساڻس گڏ آهيان جي ايم سيد ۽ ڀٽي جي پوٽي جو اتحاد پ پ مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿو عوام هاڻي هن پارٽي کان تنگ ٿي چڪو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت جي خراب حڪمراني ڪرپشن، سفارشي ڪلچر سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو آھي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ بدامني پکيڙيل آهي، ايس يو پي سربراھ سنڌ جي عوام تي زور ڀريو ته پنھنجن حقن لاءِ آواز بلند ڪيو جدوجھد ڪيو روڊن تي نڪرو پوءِ ڏسو آھي ساڳيا حڪمران ڪيئن نه ٿا اوھان کي پنھنجا حق ڏين،ٻئي پاسي سيد زين شاهه مرڪزي عھديداران سان گڏ سرمد ميمڻ ۽ وحيد ميمڻ جي پاران مانجھندي جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڪشن ڪميٽي جا عھديدار سلمان لغاري، بھار سھتو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا،