بلوچستان ۾ اڄ وري هڪ عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو. ھڪ اھڙي عورت جنهن زنده رهندي به عزت سان جيئڻ جو حق گهريو، ۽ مرڻ وقت به پنهنجي عزت تي حرف اچڻ نه ڏنو۔”صرف گولي سان مارڻ جي اجازت آهي توکي، باقي منهنجي جسم کي هٿ نه لڳايو۔”اهي هئا ان بهادر نياڻي جا آخري لفظ جيڪي هڪ ڏکوئيندڙ دانھ، هڪ احتجاج، ۽ ظالمن جي منهن تي زوردار موچڙو آهن۔ اڄ جو هي دل ڏاريندڙ واقعو جهالت ۽ بي حسي جي هڪ ڀيانڪ تصوير آهي، جتي ٻن محبت ڪندڙن کي گوليون ھڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. انهن ٻنهي پنهنجي مرضي سان نڪاح ڪيو هو، جيڪو قبيلو ۽ خاندان برداشت نه ڪري سگهيا۔ افسوس ته محبت، جيڪا دين ۾ هڪ پاڪ رشتو بڻائڻ جو وسيلو آهي، اها اسان جي سماج ۾ اڄ به جرم سمجهي ويندي آهي ۽ انهيءَ "جرم” جي سزا گهڻو ڪري عورت ۽ مرد ٻنهي کي پنهنجي جان ڏئي ڀوڳڻي پوي ٿي۔ بلوچستان جي زمين، جتي مهمان نوازي، وفاداري، ۽ غيرت کي تهذيب جو حصو سمجهيو ويندو آهي، اڄ ان ئي غيرت جي نالي تي ٻه جوان زندگيون بي رحميءَ سان ختم ڪيون ويون۔
هڪ نياڻي، جيڪا قرآن پاڪ جي ڇانو ۾ پنهنجي مرضي سان نڪاح ڪري ٿي، پنهنجي ئي ڀاءُ جي هٿان قتل ٿي وڃي ٿي۔ اهو ساڳيو خطو، جتي عزت کي سڀ کان وڌيڪ قيمتي سمجهيو ويندو آهي، پر هتي عورت جي مرضي سندس عزت نه پر سندس موت جو فيصلو بڻجي وڃي ٿي۔ اسلام ۽ قانون به عورت کي پنهنجي مرضي سان نڪاح جو مڪمل حق ڏين ٿا. جڏهن دين پاڻ اها اجازت ڏئي ٿو، ته قبيلو يا خاندان ان تي موت جو فيصلو ڪيئن ڪري سگهن ٿا؟ پر بلوچستان جهڙن روايتي سماجن ۾ قبائلي غيرت کي شريعت تي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ اهو ئي الميو اڄ جي واقعي مان ظاهر ٿيو۔
بلوچ سماج، جيڪو ظاهري طور غيرت جو علمبردار آهي، ان جي غيرت تڏهن ڇو جاڳي ٿي، جڏهن نياڻي پنهنجي پسند سان نڪاح ڪري؟ پر اها ئي غيرت تڏهن ڇو خاموش رهي ٿي، جڏهن عورتن کي زمينن، دشمني يا تڪرار جي بدلي ۾ وني يا سوارو ڪيو وڃي ٿو؟ اھا ڪهڙي غيرت آهي، جيڪا ڀيڻ جي نڪاح تي گولي هلائي ٿي، پر ان ئي ڀيڻ کي زمين يا انتقام جي بدلي قرباني بڻائڻ تي فخر ڪري ٿي؟ اڄ جو واقعو چٽيءَ ريت ٻڌائي ٿو ته هي غيرت نه آهي هي صرف مردانه انا، طاقت جي غرور، ۽ عورت کي ملڪيت سمجهڻ جي سوچ آهي۔
بلوچستان جي هن واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال ڇڏيو آهي: ڇا اسان قبائلي رسمن کي هميشه لاءِ دين تي غالب رکنداسين؟ ڇا قرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي بيٺل نياڻي جي جان به اسان کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي نه آهي؟ هن رڳو پنهنجي زندگي نه، پر شريعت جي حق کي به پنهنجي رت سان سچ ڪري ڏيکاريو۔ هي قتل رڳو هڪ نياڻي جو نه هو، پر ان دين، ان انصاف، ۽ ان انسانيت جو قتل هو، جيڪي هن سماج ۾ روز دفن ٿين ٿا۔ اڄ رڳو هڪ عورت نه، انسانيت جو قتل ٿيو آهي۔ ھي اهو پريمي جوڙو ھو جنهن جو "جرم” صرف اهو هو ته هنن محبت ڪئي، خواب ڏٺا، ۽ پنهنجي زندگي کي نئين راهه تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي۔
هنن جو ڏوھ اهو هو ته هنن هڪ جائز رشتو نڪاح کي اپنائڻ جي جرئت ڪئي، ۽ پنهنجي خاندان ۽ قبيلي جي خلاف فيصلو ڪيو، پر هو ڪنهن به غلط راهه تي نه هليا۔ سڀ کان ڏکوئيندڙ لمحو اهو هو، جڏهن عورت کي قتل ڪيو ويو، تڏهن سندس هٿ ۾ قرآن پاڪ هو۔ اهو ڪهڙو جاهل نظام آهي، جتي هڪ ڀاءُ پنهنجي ئي ڀيڻ کي گولي سان ماري ٿو نه ان ۾ انسانيت باقي رهي ٿي، نه ئي خدا جو خوف۔
اها هڪ شرمناڪ حقيقت آهي ته اسان جي سماج ۾ اڄ به غيرت جي نالي تي اهڙي بربريت کي جائز سمجهيو وڃي ٿو۔افسوس ته مرد جي غيرت صرف تڏهن جاڳي ٿي، جڏهن عورت پنهنجي مرضي سان جيئڻ چاهي، پر اها ئي غيرت تڏهن ڇو سُمهي رهي ٿي، جڏهن اهي نام نهاد غيرت وارا پنهنجين ئي ڀيڻن ۽ ڌيئرن کي زمين يا دشمني جي بدلي وڪڻي ڇڏين ٿا؟
هي واقعو هڪ سوال ڇڏي ويو آهي۔ ڇا شريعت مطابق نڪاح ڪرڻ هاڻ جرم بڻجي ويو آهي؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ هڪ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي صرف ان لاءِ ڇو قتل ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجو جائز حق استعمال ڪيو؟ ان نياڻي جي خاموش لاش، سندس وهندڙ رت، ۽ سندس آخري لفظ سڀ ڪجهه اسان کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي آهن۔هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان ان بهادر نياڻي جي آخري دانهن کي پنهنجو آواز بڻايون ۽ اهڙي ظلم خلاف اهڙو سماج تعمير ڪريون، جتي محبت جرم نه هجي، ۽ عورت رڳو عزت نه، پر زندگي کي ڀرپور نموني جيئڻ جي به حقدار هجي۔