پروفيسر نويد سنديلي جو ڪتاب” وجوديت جو فلسفو“

تحرير: ايوب پٺاڻ

پروفيسر نويد سنديلو سنڌ جو ڄاتل سڃاتل نوجوان فلسفي، شاعر، مترجم ۽ سڄاڻ اديب آهي، جيڪو مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر آهي. انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر توڙي نظم جي صنفن ۾ طبع آزمائي پڻ ڪندو رهيو آهي. هن نه رڳو سنڌي ادب ۾ پنهنجو نمايان مقام قائم ڪيو آهي، پر فلسفي ۽ شاعري جي دنيا ۾ به پنهنجي سوچ ۽ تحريرن سان هڪ منفرد اثر ڇڏيوآهي. سندس شاعريءَ تي ٻڌل ڪتاب ”رابيل رت مايانگر“ جڏهن ته فلسفي جي موضوع تي سندس اهم ڪتاب The wings of wisdom ” فلسفي جي تاريخ“جيڪو قديم  يونان جي ڪلاسيڪي دور تي لکيل سندس ضخيم ڪتاب آهي، اڳ ئي پڙهندڙن وٽ مانُ ۽ مڃتا حاصل ڪري چڪا آهن.

 سندس هي ڪتاب ”وجوديت جو فلسفو“ پڻ پنهنجي نوعيت جو انتهائي اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ وجوديت جي فڪر ۽ فلسفي کي انتهائي سهڻي ۽ سهنجي انداز سان بيان ڪندي ان جي پيچيدگين جو گهرائيءَ سان جائزو پيش ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته وجوديت جو فلسفو ويهين صديءَ جي هڪ تحريڪ آهي، جيڪا ٻي عالمي جنگ کان پوءِ مقبول ٿي. جڏهن انسانذات نا اميدگي، بي معنيٰ ۽ نراسائيءَ جي صورتحال کي مُنهن ڏئي رهي هئي ته وجوديت جو فلسفي انهن بنيادي سوالن ۽ جوابن جي ڳولا ۽ ان تي غور فڪر ڪري ٿو. بنيادي سوال جيڪي –  ماڻهو پاڻ ڪير آهي؟، ڪٿان آيو آهي؟، ڪاڏي ويندو؟۽ سندس وجود ڇا لاءِ آهي؟ انهن جا سيبتا ۽ سُريلا جواب کيس حقيقي وجود کان واقف ڪن ٿا. فلسفي چون ٿا ته انهن بنيادي سوالن جا جواب پاڻ سڃاڻڻ واري فلسفي جي جوهر ۾ آهن. ڪجهه فلسفي ان کي  Absurdity يعني حياتيءَ جو بي مقصد هجڻ چون ٿا. انسان پيدا بي مقصد ٿيو آهي، پر هن کي پنهنجي حياتيءَ جو مقصد چونڊڻ جو پورو حق حاصل آهي ۽ جيستائين هو زندهه آهي، پنهنجي مقصد کي کڻي هلي سگهي ٿو. هتي اها ڳالهه به ڪجي ته سماجي طرح ماڻهو پنهنجي وجود جو مقصد ۽ مطلب طئي نه ڪري سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ فلسفين جا پنهنجا پنهنجا رايا آهن.

يان پال سارتر موجب وجوديت مطابق انسان پهريان وجود ۾ اچي ٿو، پوءِ زندگيءَ جو مقصد پاڻ طئي ڪري ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته، ”انسان آزاديءَ سان پنهنجي وجود جي تعمير ڪري سگهي ٿو.“

جڏهن ته نيهليزم مطابق زندگيءَ جو ڪو خاص مقصد ناهي. هوڏانهن فريڊرڪ نٽشي ان خيال جو حامي هو ۽ چوندو هو ته انسان کي پنهنجو مقصد پاڻ طئي ڪرڻو پوندو. ٻي طرف مذهبي فلسفا زندگيءَ جو مقصد خدا جي عبادت، انساني خدمت (تصوف) جي فڪر تي زور ڏين ٿا. ۽ پوءِ سورين ڪيرڪيگارڊ، جنهن کي وجوديت جو باني سڏيو وڃي ٿو، اهو پڻ چوي ٿو ته، انسان جڏهن به پيڙا ۾ هجي ته هو عقل کي تياڳي ۽ ايمان کي ڳلي لڳائي ڇڏي.

پيڪاڪ پبلشرز ڪراچيءَ پاران شايع ڪيل 196 صفحن جي هن ڪتاب ۾ نويد سنديلي سورين ڪيرڪيگارڊ، ڪارل بارٿ، پال ٽلچ، روڊولف بُلٽمن، نڪولائي بردوف، ايڊمنڊ هسرل، فرڊرڪ نٽشي، ڪارل ياسپرس، مارٽن هائيڊيگر، يان پال سارتر، البرٽ ڪاميو ۽ بليز پاسڪل سميت وجوديت جي فڪر سان لاڳاپيل دنيا جي ڪيترن ئي فلسفين جي زندگي ۽ فڪر تي انتهائي ڳوڙهي نموني روشني وڌي آهي. ۽ انهن جي فڪري ورثي کي سامهون رکندي، ان جي پيچيدگين جو سادو ۽ واضح انداز ۾ جائزو پيش ڪيو آهي. جنهن سان وجوديت جو فلسفو وڌيڪ عام فهم بڻجي پيو آهي ۽ آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو. هي ڪتاب انساني وجود، ان جي مقصديت، بيمقصديت ۽ ان سان لاڳاپيل سوالن جا جواب ڏيڻ واري ڪاوش تي ٻڌل هڪ فڪري دستاويز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.