ماضي کي سمجهڻ بنا بلوچستان جا مسئلا حل نه ٿيندا: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي 16هين نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي شرڪت ڪندڙن سان خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان جي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ تاريخي شعور ضروري آهي. هن رياست مخالف عنصرن کي آئيني دائري ۾ ڳالهين جي دعوت ڏني، پر تشدد ڪندڙن سان ڳالهين کي ناممڪن قرار ڏنو. سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته عليحدگي پسند رياستي وحدت جي خلاف آهن ۽ دهشتگردي ڪنهن به بنياد تي هجي، ناقابلِ قبول آهي. هن پائيدار امن لاءِ صوبائي ايڪشن پلان، گورننس ۾ سڌارا، صحت ۽ تعليم ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ۽ بدعنواني خلاف قدمن جو ذڪر ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير سوشل ميڊيا تي وائرل جوڙي جي قتل بابت رياستي فرياد ۾ ڪيس داخل ڪري شفاف جاچ جو به واعدو ڪيو.

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست گذار جي وڪيل کان اپروول پلان گهري ورتو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار سانگي ۽ جسٽس نثار ڀنڀرو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾اورنگي ٽائون گلشن بهار ۾ شادي هال ڊاهڻ  خلاف داخل درخواست تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان اپروول پلان طلب ڪري ورتوآهي، درخواست گذار جي وڪيل چيو  ته اسان وٽ اپروول پلان سميت سڀ دستاويزموجود آهن،ايس بي سي اي شادي هال جون ڀتيون ڊاهي ڇڏيون آهن،جسٽس ذوالفقار علي سانگي چيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي ڊاهيو پيو وڃي،عمارتون ڪرڻ جي نتيجي ۾ماڻهو فوت ٿي رهيا آهن،وڪيل چيو هي شادي هال آهي ۽ اسان منظوري ورتي آهي، عدالت سوال ڪيو.بلڊنگ پلان ۽ اپروول پلان ڪٿي آهن؟درخواست گذار جي وڪيل مهلت جي استدعا ڪندي چيو ته اسان کي مهلت ڏيو، اپروول پلان ڪيس فائل سان لڳائينداسين.عدالت وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.