حيدرآباد ۾ بيواهه عورت سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي سائيٽ ايريا واري علائقي ۾ هڪ عورت کي مبينا طور اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻجو واقعو پيش آيو آهي، هوسڙي ٿاڻي جي حد گنجو ٽڪر موري جي رهواسڻ مسمات "ع م” سان پيش آيل واقعي جي ايف آءِ آر 4 جوابدارن مٿان داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ 26 ورهين جي شادي شده عورت مسمات ع م موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان گنجو ٽڪر موري وٽ سرڪاري ايراضي تي ڪکانوان گهر اڏي ويٺل آهيون، جتان جوابدار عبدالمجيد چانڊيو لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏيندي تنگ ڪندو رهي ٿو، ان دوران 20 جولاءِ تي رات جو 10 وڳي جوابدار عبدالمجيد چانڊيو، هاشم چانڊيو، اڪبر ۽ زاهد سندن گهرن تي چڙهائي ڪري آيا ۽ هٿيارن جي زور تي زبرستي کيس اغوا ڪري لڄالٽ جو نشانو بڻايو،هوڏانهن مبينا طور جنسي زيادتي جو نشانو بڻيل عورت جو ميڊيڪل چيڪ پڻ ڪرايو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر عورت جي فرياد تي جوابدارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري عورت جو ميديڪل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.