شگر ملون کنڊ جي سرڪاري اگهه تي عمل کان انڪاري، پاسما کي وارننگ

اسلام آباد(م ڊ) شگر ملون کنڊ جي سرڪاري اگهه تي عمل کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي حڪومت پاسما کي وارننگ ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان خوراڪ بابت وفاقي وزير راڻا تنوير جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شگر ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ کنڊ جي اگهن بابت غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس کي ڳالهائيندي راڻا تنوير چيو ته ڪيتريون ئي شگر ملون سرڪاري اگهه تي عمل نه ڪري رهيون آهن، کنڊ جي اگهه ۾ هٿراڌو واڌ ڪرڻ واري عمل تي ڳڻتي آهي، حڪومت اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سختي سان قدم کڻندي، هن چيو ته جيڪڏهن پاسما پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون ته پوءِ حڪومت پاڻ ڪارروائي ڪندي، غيرقانوني منافعي خوري ۽ ذخيرااندوزي ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو، ايف بي آر ۽ فوڊ اٿارٽيز ذريعي ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته کنڊ جي فراهمي ۾ شفافيت ۽ منصفاڻو نظام اولين ترجيح آهي، سمورا صوبا 24 ڪلاڪن اندر کنڊ جي اگهه تي عمل بابت رپورٽ پيش ڪن.

بئريسٽر سيف پاران کنڊ اسڪينڊل تي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو

پشاور(م ڊ)خيبر پختونخوا جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر ڊاڪٽر سيف، کنڊ اسڪينڊل تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پنهنجي بيان ۾ بيرسٽر سيف چيو ته ڪڻڪ کان پوءِ هاڻ کنڊ جي ذريعي شگر مل مافيا کي فائدو پهچايو ويو، عوام جي جيبن مان 38 ارب رپيا ڪڍي مافيا کي ڏنا ويا. چيني اسڪينڊل جي آزاد ۽ شفاف تحقيق ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته حڪمران طبقو ۽ شگر مافيا ملي ڀڳت سان عوام کي لوٽي رهيا آهن، هن جو چوڻ هو ته پهرين برآمد ۽ پوءِ درآمد ذريعي قومي خزاني کي نقصان پهچايو ويو، 110 رپين تي شور مچائيندڙ هاڻ چپ ٿي ويا آهن، حڪومت کنڊ جي قيمت 200 رپيا في ڪلو تائين پهچائي ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.