اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ڊي ايڇ اي ۾ برساتي وهڪري ۾ هڪ رٽائر ڪرنل ۽ سندس ڌيءُ ڪار سميت لڙهي ويا، جن جي رات دير تائين ڳولا جاري رهي. 62 سالن جو ڪرنل (رٽائرڊ) اسحاق قاضي، يڪو ڊي ايڇ اي فیز 5، سيڪٽر A، گلي نمبر 72، مکان نمبر 51 جو رهواسي آهي، پنهنجي 25 ورهين جي ڌيءَ سان گڏ سرمئي رنگ جي هانڊا سٽي ڪار ۾ گهر کان روانو ٿيو. ويجهي روڊ تي تيز برسات سبب پاڻي گڏ ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سندن گاڏي بند ٿي وئي.جڏهن ڪرنل (ر) اسحاق گاڏي کي ٻيهر اسٽارٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، تڏهن پاڻي جو وهڪرو تيز ٿي ويو ۽ ٻئي پيءُ ڌيءَ برساتي نالي ۾ لڙهي ويا. واقعي جي اطلاع تي پوليس، ڊي ايڇ اي فیز 5 جو عملي، ريسڪيو 1122 ۽ غوطا خورن جي ٽيم ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو. ريسڪيو ٽيمن کي بدقسمت گاڏي جو بمپر ملي ويو آهي، جڏهن ته پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر پڻ پيءُ ۽ ڌيءَ جي تلاش ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي۔ ڌميال ويجهو حيال نالي ۾ وهيل موٽر سائيڪل سوار شخص کي ڳولي ورتو ويو، ريسڪيو 1122 جي ٽيم کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نالي مان ڪڍي، ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو آهي۔