مهتاب ڏهر تي حملي ڪيس مان شهريار شر جو نالو خارج

ڏھرڪي (ن ع آ ) ڏھرڪي جي عدالت پ پ ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر مٿان حملو ٿيڻ واري ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل اڳوڻي ايم پي ايشھريار شر کي پوليس جي پيش ڪيل چالان مطابق ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو آھي،ڪيس ڏھرڪي جي عدالت ۾ ٻڌڻي رکيل ھئي جنھن ۾ حاضري لاءِ ٻئي جوابدار مير شھريار شر ۽ سندس پٽ جھانگير شر پيش نه ٿيا، جڏھن ته فريادي ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر وڪيل سميت پيش ٿيو،عدالت ۾ ڏھرڪي پوليس پاران پيش ڪيل چالان تي بحث ڪيو ويو، جنھن ۾ ڏھرڪي پوليس شھريار جو نالو ڪالم 2 ۾ خارج ڪري ڇڏيو، جنھن چالان کي ڏھرڪي جي عدالت منظور ڪري ورتو، ان ڏس ۾ مير شھريار جو چوڻ آھي ته ڪيس مان منھنجو نالو خارج ٿيڻ حق ۽ سچ جي فتح آھي، ھن چيو ته مان اڄ به چوان ٿو ته منھنجي خلاف قتل ڪيس سياسي آھي، ھن چيو منھنجي پٽ جھانگير خان کي ساڳي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي،مون کي عدالت تي يقين آھي ته کيس به انصاف فراھم ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.