زمين تي پوندڙ پاڻي جو ھڪڙو ڦڙو ڪنھن ھاري جي فصل کي نھ پر اھو ھڪ بي جان مشين کي سيراب ڪندو آھي.جنھن کي اسين اي آءِ سڏيون ٿا.انسان جي خود تخليق ڪيل ذھانت ھاڻي ڌرتيءَ جي گولي تي اڻ لڀ ٿيندڙ پاڻي پي رھي آھي.جڏھن بھ چيٽ ڪري ڪجھه معلوم ڪندي يا ڪنھن تصوير ٺھرائيندي اصل ۾ اسين اي آءِ جي اڃ اجھائي رھيا ھوندا آھيون! سا بھ ان قيمت تي جيڪا نظر نٿي اچي. اھا آھي زمين جو پاڻي.
اي آءِ ھاني نھ رڳو اسان جي سوچن جي شڪل بدلائي رھي پر ھاڻي اسان جي درياھن ۽ کوھن جي گھرائي بھ ماپي رھي آھي،ڪڏھن ڪنھن سوچيو ھو تھ ڪمپيوٽر جي ھڪ ڪلڪ صحرائن کي وڌڪ اڃارو ڪري ڇڏيندي. ھي رڳوھڪ ٽيڪنالوجي نھ آھي پر ارتقا جي ھڪ قرباني آھي، جيڪو پاڻي آھي.
اي آءِ جيتري تيزي سان اسان جي زندگيءُ ۾ داخل ٿي رھي آھي اوتري ئي تيزي سان اسان جي ڌرتي جي وسلين خاص ڪري پاڻي تي بار وجھي رھي آھي. دنيا ۾ پاڻي جي کوٽ ھڪ سنگن بحران ٿيندو پيووڃي تڏھن اھو سوال اڃان بھ وڌيڪ اھم بڻجي رھيو آھي تھ اي آءِ، ان کي وڌيڪ سنگين بڻائي رھي آھي. اوپن اي آءِ، جي سي اي او.جو چوڻ آھي تھ چيت جي پي، ھڪ سوال جي جواب ڏيڻ لاءِ رڳو چانھھ جي ھڪ چمچي جو پندرھون حصو پاڻي واپرائي ٿي،پر ڪيليورنا ۽ ٽيڪساس جي محقنن جو تجزيو ڪجھ ٻيو ٻڌائي ٿو،جنھن موجب چيت جي ڇي ٽي ماڊل ٿري، ھر 10 کان 50 سوالن جي جواب ڏيڻ جي بدلي ۾ اڌ ليٽر پاڻي خرچ ڪري ٿي. جنھن جو مطلب تھ چيٽ جي پي ٽي، ھر سوال جي جواب ڏيڻ وقت 2 کان 10 چانهه جي چمچن جيترو پاڻي استعمال ڪري ٿي.
اھو پاڻي استعمال ڪٿي ٿئي ٿو ؟ اي آءِ جي ماڊل کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ، ان جي تربيت ڏيڻ يا وري ان جي استعمال کي جاري رکڻ لاءِ انتھائي طاقتور ڪمپيوٽر کي گھرج ھوندي آھي، جيڪي استعمال ٿيڻ وقت تمام گھڻي گرمي پيدا ڪندا آھن. انھن کي ٿڌو رکڻ لاءِ ڊيٽا سينٽرن ۾ وڏي پيماني تي ڪولنگ سسٽم لڳايا ويندا آھن، جن ۾ پاڻي جو استعمال معمول جي ڳالھھ آھي.
گڏيل قومن ان سلسلي ۾ اڳي ئي خبردار ڪيو آھي تھ دنيا جي اڌ آبادي پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏئي رھي آھي.جيڪڏھن ماحولياتي تبديلي ۽ پاڻي جي طلب جي اھا ئي صورت رھي تھ پوءِ اھو بحران اڃان بھ گھڻو وڌي ويندو، اھڙي صورتحال ۾ اي آءِ جي وڌيدڙ مقبوليت اسان جي آبي وسلين تي خطرناڪ دٻاءَ وجھي سگھي ٿو.اھو دٻاءَ في الحال نظر تھ نٿو اچي پر اھو ايندڙ وقت ۾ گھڻو ڪجھ تبديل ڪري سگھي ٿو.
اي آءِ ڪيترو پاڻي استعمال ڪري ٿي ان جو دارمدار ڪيترين ئي ڳالھين تي ھوندو آھي. جئين اھو تھ سوال ڪيترو ڊگھو آھي ڪيترو پيچيدو آھي ۽ ان جو جواب ڪھڙي ڊيٽا سينٽر ۾ پروسيس ٿي رھيو آھي ۽ اھو بھ تھ حساب لڳائڻ ۾ ڪھڙا ٽيڪنڪي عوامل شامل آھن، يعني ھر سوال جي جواب جي پٺيان پاڻي جي ھڪ جدا لاڳت لڪيل ھوندي آھي جيڪا رڳو بجلي جي کپت ۽ ڪولنگ سسٽم تائين محدود نھ آھي بلڪھ ان پس منظر ۾ موجود پيداورا جي توانائي تائين وڃي ٿي.
آمريڪي ماھرن جي اندازن موجب نھ رڳو ڊيٽا سينٽرن جي ڪولنگ بلڪھ بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽ ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي مٺو بھ ھوندو آھي اھو ئي سبب آھي جو اوپن اي آءِ جي ، سي اي او………جو چوڻ آھي تھ انگ اکر پوري يقين سان پيش بھ نٿا ڪري سگھجن.
ان حوالي سان بي بي سي، ھڪ مضمون لکيو ھو جنھن موجب ھن اي آءِ ، بابت اوپن اي آءِ کان تفصيل طلب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪمپني ڪا واڌو معلومات مھيا نھ ڪئي اوپن اي آءِ، مطابق چيت جي پي ٽي روز ھڪ ارب سوالن جا جواب ڏئي ٿي. نھ رڳو ايترو پر ٻيا اي آءِ پليت فارم بھ ساڳي رفتار سان ڪم ڪري رھيا آھن ھاڻي جيڪڏھن ھر سوال ۾ رڳو معمولي پاڻي بھ استعمال ٿي رھيو ھجي تھ بھ مجموعي صورتحال ڳڻتي واري صورتحال کي پھچي ٿي.آمريڪي ماھرن موجب اھو رجحان جاري رھيو تھ 2027 تائين اي آءِ اندسٽري ساليانو ايترو پاڻي استعمال ڪندي جيڪو پوري ڊينمارڪ جھڙي ملڪ جي ساليانتي کپت جي چوڻ کان ڇھوڻ کان وڌيڪ ھوندو.يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي ھڪ پرفيسر……خبردار ڪيو آھي تھ اسين جيترو اي آءِ کي استعمال ڪنداسين اوترو ئي وڌيڪ پاڻي استعمال ٿيندو رھندو.
سوال ٽيڪنالوجي يا سھولت جو نھ اھي پر سوال ڌرتيءَ جي بنيادي وسلين جي تحفظ جو آھي ۽ جيڪڏھن اسان وقت سر اھو سوال نھ اٿاريو تھ پاڻي جي قيمت تي ٽيڪنالوجي ھڪ مھانگو سودو ٿي سگھي ٿو. اي ميل موڪلڻي ھجي يا آن لائن ووڊيو ڏسڻي ھجي يا مضمون لکرائڻو ھجي يا فيڪ وڊيو تصيار ڪرائڻي ھجي انھن سڀني سرگرمين جي پٺيان جيڪو ڪمپيوٽنگ طاقت ڪم ڪري ٿي اھا سڃي دنيا ۾ پکڙيل وڏن ڊيٽا سينٽرن ۾ موجود سرورز جي ذريعي اھا سھولت فراھم ڪئي وڃي ٿي.انھن مان ڪيترن ئي ڊيٽا سينٽرن جي ماپ فوٽبال جي گرائونڊ کان بھ وڌيڪ ھوندي آھي.جڏھن اي ڪمپيوٽرز تيزي سان ڪم ڪن ٿا تھ اھي گھڻو گرم ٿي ٿا وڃن.انھن کي لڳاتار ٿڌو رکڻ لاءِ ڪولنگ سسٽم گھربل ھوندو آھي، ان سسٽم لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي صاف ۽ مٺو ھوندو آھي.اھو ئي پاڻي جيڪو پيئڻ لاءِ استعمال ٿيندو آھي. ڪجھھ ڊيٽا سينٽرن جي ڪولنگ سسٽم ۾ استعمال ٿيندڙ پاڻي جو 80 سيڪڙو حصو ٻاڦ بڻجي ھوا ۾ اڏامي ويندو آھي.يعني اھو پاڻي ٻيھر استعمال جوڳو نھ رھندو آھي.
گھڻا ماڻھون چون ٿا تھ ٺيڪ آھي اھو پاڻي مختص ٿي ويو، يعني 500 ليٽر گيلن پاڻي مختص ڪيو ويو تھ اھو سرڪيوليشن ۾ رھندو . اھو ٿڌو گرم ٿيندو رھندو ، پاڻي تھ اھو ئي استعمال ٿيندو.پر ھتي اھو ٿئي ٿو تھ اھو پاڻي ٻاڦ بڻجي وڃي ٿو.راويتي ويب سرگرميون جھڙوڪ ايپ سرچ يا اي شاپنگ جر مقابلي ۾ جڏھن ڳالھھ اي آءِ جي اچي ٿي تھ اھو معاملو ڪافي سنگين ٿي وڃي ٿو.ڇاڪاڻ جو اي آءِ کي ھلائڻ جي لاءِ نھ رڳو وڌيڪ ڪمپيوٽنگ جو استعمال ٿئي ٿو بلڪھ ان لاءِ گھربل بجلي بھ ڪئين ڀيرا وڌي وڃي ٿي، خاص طور تي اي آءِ، جي ذريعي تصويرون يا وڊيو ٺاھيون وڃن ٿيون تھ ان عمل ۾بجلي جي کپت ۽ پاڻي جو واھپو اڃان بھ گھڻو وڌي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ان جو درست اندازو لڳائڻ ۾ مشڪل آھي.پر انٽرنيشنل انرجي مطابق چيٽ جي پي ٽي، اي آءِ ماڊل کان سوال جي ڀيٽ ۾ گوگل کان سوال جي ڀيٽ ۾ بجلي ڏھوڻ تي وڌيڪ خرچ ٿئي ٿي.وڌيڪ بجلي استعمال ٿيڻ سان وڌيڪ ڪولنگ ۽ وڌيڪ پاڻي استعمال ٿنيدو.اھا ھڪ خاموش پر سنگين حقيقت آھي.
ٽيڪنالوجي جيتري وڌيڪ ترقي ڪندي پئي وڃي ان سان قدرتيءَ وسيلن تي بار خاص طور تي پاڻي تي بار اوترو ئي وڌيڪ پئجي رھيو آھي.اھا صورتحال جاري رھڻ سان اسان کي ٽيڪنالوجي جھڙي سھولت جي بدلي ۾ ان جي قيمت اسان کي بنيادي پاڻي جھڙي نعمت سان چڪائڻي پوندي.
حيرت جي ڳالھھ آھي تھ ميٽيا، گوگل ۽ ٻيون وڏيون ٽيڪ ڪمپنيون اڃا بھ اھو نٿيون ٻڌائين تھ انھن جا اي آءِ ماڊل روز ڪيترو پاڻي پين ٿا.رڳو اھو معلوم ٿئي ٿو تھ انھن جي پاڻي ۾ غيرمعمولي اظافو ٿيو آھي.گوگل ۽ مائڪرو سافٽ جون ماحولياتي رپورٽون ٻڌائين ٿيون تھ انھن جي 2020 کانپوءِ پاڻي جو استعمال ٻيڻ تي وڌيو آھي. گوگل 2024 ۾ ئي 37 ارب ليٽر پاڻي حاصل ڪيو جنھن مان 29 ارب ليٽر پاڻي بخارات بڻجي اڏامي ويو.ايترو پاڻي 16 لک ماڻھن ي روزانو 50 ليٽر پاڻي صاف مھيا ڪري سگھي.
انٽرنيشنل انرجي ايجنسي جو اندازو آھي تھ 2030 تائين انھن ڪمپنين جي پاڻي جو استعمال ٻيڻو ٿي ويندو. جنھن ۾ ڊيٽا پروسيس،بجلي جي تياري ۽ مينوفيڪچرنگ ۾ استعمال ٿيندو. ڳڻتي واري ڳالھھ ھي آھي تھ اھي ڊيٽا سينٽرز انھن علائقن ۾ ٺاھيا پيا وڃن جيڪي اڳ ۾ ئي پاڻي جي قلت کي منھن ڏئي رھيا آھن.مثال طور ايروزينا آمريڪا، چلي، يورگائي ۽ ڏکڻ يوپ جي علائقا شامل آھن. اتي جي مقامي آبادي گوگل جھڙي رٿائن ۽ اداري خلاف مظاھرا ڪيا آھن ۽ ڪجھھ رٿائون ان دٻاءِ سبب روڪيا ويا آھن، ڪمپنيون ان عمل جي لاءِ اھو چون ٿيون تھ خشڪ علائقن ۾ گھم گھٽ ھجڻ ڪري سرورز جي ڪولنگ جي لاءِ گھٽ توانائي خرچ ٿئي ٿي. زمين سستي ملي ٿي. قبل تجديد توانائي موجود ھوندي آھي ۽ قانون نرم ھوندا آھن پر سوال ھي آھي تھ انھن سھولتن جي قيمت پاڻي جھڙي ضرورت جي وسيلي ادا ڪرڻ گھرجي ؟ مائيڪرو سافٽ اھو تسليم ڪري ٿو تھ اھو پنھنجي 46 سيڪڙو ،ميٽا 26 سيڪڙو ۽ گوگل 14 سيڪڙو پاڻي انھن علائقن مان وٺي ٿو جيڪي پاڻي کوٽ جو شڪار آھن. ايمازون اڃان بھ خاموش آھي.
اھو درست آھي تھ دنيا ڊجيٽل انقلاب جي جادو ۾ گھيرجي رھي آھي پر ان جي قيمت قدريءِ وسيلا خاص طور تي صاف پاڻي جي قرباني سان چڪائي پئي وڃي.جيڪڏھن ساڳي روش جاري رھي تھ سڀاڻي جي مصنوعي ذھانت اڃ جي اڃايلن جي لاءِ ڪڙو سچ ٿي وڃي.
اي آءِ کي دنيا جي ڀلائي لاءِ ھڪ انقلابي طاقت قرار ڏنو پيو وڃي. چاھي ھو زھريلي ميٿين گيس جو پتو لڳائڻو ھجي يا شھرن ۾ ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ ھجو تھ جئين ٻارڻ جي بچت ٿي سگھي. اي آءِ اڳ ۾ ئي زمين تي انساني دٻاءِ گھٽائڻ ۾ مدد ڏئي رھي آھي ۽ يونيسف جي انويشن ڊائريڪٽر ٿامس جي ويجھو اي آءِ تعيلم.صحت ۽ ماحولياتي تبديلي جھڙن شعبن ۾ دنيا جي ٻارن لاءِ گيم چينجر بڻجي سگھي ٿي پر ان جو استعمال رڳو مقابلي جي بدران شفاف سسٽم سان ڪيو وڃي.سندس چوڻ آھي تھ ڪمپنيون پنھنجا ماڊل اوپن سورس ڪن تھ جئين دنيا جي ماڻھون ان مان فائدو حاصل ڪري انھن کي ماحول دوست بڻائي سگھن.ڪن ماھرن جو چوڻ آھي تھ اسان اي آءِ کي موثر بڻائي سھگون ٿا پر انھن کي ماحول دوست نٿا بڻائي سگھون.ھن سموري ترقي جي ڊوڙ ۾ اصل مسئلو ان نظام جو آھي جيڪو ترقي جي آڙ ۾ قدرتيءَ نظام جي ڀيل ڪري رھيو آھي. جنھن سان نھ رڳو ماحول پر انسان جي بقا بھ خطري ھيٺ اچي رھي آھي ، ان ڪري ھاڻي اھو سوال وسيلن جي ختم ٿيڻ بعد انسان جي بقا جو بڻجي ٿو.دنيا جون ٽيڪ ڪمپنيون اھو جواب ڏين ٿيون تھ 2030 تائين اھي جيترو پاڻي استعمال ڪنديون ان کان وڌيڪ اھي ماحول ۾ فراھم ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون. جنھن لاءِ ٻيلن ۽ ڌٻڻ وارن علائقن جي بحالي وارن رٿائن تي ڪم ڪري رھيون آھن انھن ڪمپنين پنھجي طور تي اھڙا ھدف بھ مقرر ڪيا آھن ۽ انھن تي ڪم ڪري رھيون آھن.