بانو سمالاڻي ۽ آزاديءَ سان جيئڻ جو حق

تحرير: جڳديش آهوجا

اڄ صبح سوير ئي جڏهن اک کلي ته ذهن جي پردي تي ڌرتيءَ جي ڌيءَ بانو جو چهرو اُڀري آيو، ۽ سمالاڻي نوجوان جي ڪرهندڙ جسم مان نڪرندڙ بيچين آوازون، گويا رُوح جي رڙ بڻجي، ساري هستيءَ کي جنجهوڙي ڇڏيندڙ معلوم ٿيون. گذريل رات مان سمهڻ کان اڳ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل اها وڊيو ڏٺي هئي، جيڪا قتل جي ان واقعي جو ڏيکاءُ پيش ڪري رهي هئي، جتي شيتل جو بي جان ۽ ساکت جسم، ۽ سمالاڻي جو زنده، درد سان سڙي پچندڙ جسم، ٻنهي تي گوليون وسائيندڙ هڪ اهڙو شخص، جنهن لاءِ صرف ”درندو“  لفظ چئي، مان انسانيت کي بي ڏوهي قرار نه ٿو ڏئي سگهان.

اهو ڪو انوکو يا اچرج جهڙو واقعو نه هو، جو انسان جي سماجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيش آيو هجي. نه ئي ان کي ڪنهن مخصوص قبيلن، قومن يا خاص انساني گروهن سان ڳنڍي، پاڻ سمجهي سگهون ٿا ته مسئلو مقامي آهي. هي ته همو سيپينس، يعني اسان جي ئي انساني نسل جي هزارين سالن تي پکڙيل تاريخ جو هڪ اهڙو ورجاءُ آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجي ئي هٿن سان انسان کي قتل ڪندو رهيو آهي، ڪڏهن انفرادي طور، ته ڪڏهن اجتماعي نسل ڪشي جي صورت ۾.

اڄ به دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ۽ ان وقت سڀ کان گهڻو فلسطين ۾، اهڙا ناحق قتل جاري آهن: ڪڏهن عزت ۽ غيرت جي نالي تي، ڪڏهن مذهب ۽ عقيدي جي نالي تي، ته ڪڏهن قوم، فرقو، يا قومي سلامتي ۽ رياستي سوڀ جي نالي تي. ۽ پوءِ، انهن وحشيانه عملن کي پنهنجن پنهنجي جوازن سان، منطقن سان، اخلاقي دليلن سان جائز به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، گويا ظلم کي سچائيءَ جو لباس پائي، اڄ به انسانيت جي نگاهن کي ڌوڪو ڏنو پيو وڃي.

هڪ زمانو هو، جڏهن مان هر سوال جو جواب فقط ڪتابن ۾ ڳوليندو هئس، يا پنهنجي آس پاس جي ماڻهن کان پڇندو هئس. پر هاڻ، انهن سان گڏ، مان ”ڪائناتي ڪتاب“ ڏانهن به رجوع ڪرڻ لڳو آهيان، جيڪا اسان جي اندر جي ويراڳي، وجدان، ۽ ان الاهي دانائيءَ جو نالو آهي، جيڪا ڪڏهن تصور ۾، ته ڪڏهن خاموشيءَ ۾ پاڻ کي ظاهر ڪندي آهي.

گذريل رات، جڏهن بانو جو منظر ذهن مان هٽڻ کان انڪاري هو، تڏهن “ڪنگ پريسٽ” جي تصوير به ذهن ۾ تري آئي. اهو ڪجهه چاهيندي به چي نه سگهندڙ چهرو، جنهن جي نگاهن ۾ سڪتي هئي، پر خاموش فرياد به. مون ان وقت کيس چيو، “صبح ڳالهائينداسين.” ڇو ته ان وقت ته منهنجي ڪنن ۾ شيتل کان به وڌيڪ، ڌرتيءَ تي رت سان رڱيل، نوجوان سمالاڻي جي بي آواز پر دل چيريندڙ چيخون گونجي رهيون هيون. ۽ جڏهن صبح ٿي، ته وري ڪائناتي ڪتاب مان “ڪنگ پريسٽ” سامهون اچي ويو

"انسان کي مارڻ جو حق ڪنهن وٽ به ناهي”

"ڪنهن کي مارڻ جو حق ڪنهن کي به حاصل ناهي”

"آزاديءَ سان جيئڻ جو حق، اسان سڀني جو حق آهي.”

سپت سندھوءَ جي ڌرتيءَ مان اُڀرندڙ هڪ مهذب انسان جي روح پنهنجي هستيءَ جي سچي ڪهاڻي بيان ڪرڻ لڳي ـ”جڏهن اسين آزاد هئاسين، ۽ واقعي مهذب هئاسين، تڏهن نه ڪو ٻئي جو غلام هو، نه ڪنڌ تي ڪنهن جي ٻاند هجي ٿي. هر انسان کي آزاديءَ سان جيئڻ جو حق حاصل هو. اسان وٽ نه ڪنهن جو خوف هوندو هو، نه سماجي قدرن جو ڏنڍ، نه رياست جو ڊپ، نه قانون جي ڪا زنجير، ۽ نه ئي ڪا فوج يا طاقتور رياست ـ ڇاڪاڻ ته مهذب سماجن جو اهڙين جبري قوتن سان ڪهڙو واسطو؟

اسان جي دنيا ۾ ته انهن جو تصور به ڪونه هو. ڇو ته جڏهن انسان مهذب ۽ آزاد هجي ٿو ته کيس نه فوج گهرجي، نه پوليس، نه جيلون، نه عدالتون، ۽ نه ئي اهي ظلمن ڀريون رياستون ـ ڇو ته اهي سڀ شيون آزاد انسان کي غلام بنائڻ جا اوزار آهن. جڏهن اسين آزاد هئاسين ته اسين مهذب هئاسين، پر جڏهن اسان کي غلام بڻايو ويو، تڏهن ڪهڙي مصيبت هئي جيڪا اسان تي نه آئي؟ها، خوش نصيب ته اهي هئا، جيڪي جپسي بڻجي ويا، جن کي اوهين آوارا ۽ بي گهر سڏيو، پر انهن آزاديءَ سان جيئڻ جو حق نه وڃايو!

هاڻ ته اسان جي جسم تي اوهان جو راڄ آهي. اوهين چاهيو ته اسان کي "ڪنگ پريسٽ” سڏيو، يا "موهن جو دڙو جي ناچڻي”، اوهان جي مرضي، ڇو ته حاڪم ته اوهين ٿي ويا آهيو ۽ عجيب ڳالهه ته اوهين خود کي مهذب چئو ٿا، ۽ ساڳي وقت غلام به بڻجو ٿا ۽ غلام بڻايو به ٿا. ڇا اهڙين چريائن جي ڪڏهن به ڪنهن مهذب سماج کي ضرورت پئي آهي؟ مهذب ماڻهو ته صرف زندگيءَ جي خوشبو پکڙيندو آهي، ٻين جي آزاديءَ جو احترام ڪندو آهي. اسان کي اوهان جي بيبسيءَ تي رحم به اچي ٿو، ۽ اوهان جي سمجهه تي افسوس به ـ ڇا ته نالا اوهان اسان کي ڏنا آهن: ڪنگ پريسٽ، موهن جو دڙو جي ناچڻي! ڇا اسان وٽ ڪو راجا يا پادري هيو؟ اسان ته هڪ اهڙي سماج جا ماڻهو هئاسين، جيڪو نه صرف آزاد هو، پر مهذب به هو، جتي هر ماڻهو عام هوندي به خاص هوندو هو. خاص ان ڪري جو هو پنهنجي مرضيءَ سان جيئندو هو، ۽ ٻين جي مرضيءَ، خوشيءَ ۽ آزاديءَ جو احترام ڪندو هو. اسين اوهان جيان غلام نه هئاسين، نه جسماني، نه روحاني. راجا جي ضرورت ته غلام سماجن کي هوندي آهي، ۽ پادري ته فقط انهن لاءِ هوندو آهي، جيڪي روح جا غلام هجن ۽ ها، اوهان عورت کي ڇا سمجهي ڇڏيو آهي؟۽ بدقسمتيءَ سان، اوهان جي سماج جي عورت به پاڻ کي اهو ئي سمجهي ويٺي آهي، جيڪو اوهان ان لاءِ متعين ڪيو آهي. موهن جو دڙو جي عورت بابت اوهان جو تصور به گمراهه آهي، نالو به اوهان ئي رکيو، ۽ پوءِ انهيءَ نالي تي پاڻ ۾ وڙهو ٿا: موهن دڙو آهي يا موئن جو دڙو؟ هر ڳالهه تي جهڳڙو، هر اختلاف تي رت وهائڻ لاءِ هڪ نئون جواز! اوهين ته عام ماڻهوءَ جي سچي تصوير ئي ميساري ڇڏيو آهي… …خاص بڻائڻ جي عمل ۾! ڊانسنگ گرل، مدھر گاڊيس، ناچڻي، ديَوي ماءُ وغيره وغيره ـ جڏهن ته اوهين چڱيءَ ريت ڏسي سگهو ٿا ته هيءَ ته عورت جي آزاديءَ جي عڪاسي ڪندڙ اسان جي فن جو شاهڪار آهي، اهڙو فن، جنهن جي تخليق اسان جي ڌرتيءَ تي عام رواجي ڳالهه هئي ۽ ڪٿي ڪنهن کي اهو حق حاصل هو ته هو ڪنهن کي ماريندو؟اسان جي شيتل، سا توڪي، آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ رڳو اهو چوڻ ته:

"بیره سُم نہ اجازت ء نُمے”

(توکي فقط گولي هڻڻ جي اجازت آهي، ان کان وڌيڪ نه)

نه، ڪنهن کي به نه، ڪنهن به صورت ۾، ڪنهن کي مارڻ، قتل ڪرڻ جي اجازت ناهي ـ ها، ٺيڪ آهي، اسان جي شيتل پنهنجي مهذب تهذيب جي لاج رکندي، غلاميءَ ۽ ذلت جي زندگيءَ کان باعزت موت کي ترجيح ڏني، پر هاڻ اوهان کي وڙهڻو پوندو، هر مهذب مرد کي، هر مهذب عورت کي، آزاديءَ سان جيئڻ جي حق لاءِ وڙهڻو پوندو، ان لاءِ ته زندگيءَ جي خوشين کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سموري جهان ۾ ورهائي سگهجي. اسين، اوهان جا رکيل نالا ـ موهن جو دڙو، مِهر ڳڙه جا واسين ـ ها، اسين اوهان لاءِ دعاگو آهيون، اوهان لاءِ، جيڪي آزاديءَ سان جيئڻ جي حق لاءِ وڙهي رهيا آهيو، جيڪي ٻين جي آزادي، مرضي، ۽ خوشيءَ جو احترام ڪريو ٿا.

بانو ۽ احسان هاڻ اسان سان شامل ٿي چڪا آهن ۽ اوهان لاءِ دعائون ڪندي، اوهان سان گڏ بيٺا آهن ۽ ها، آخر ۾ هڪ ڳالهه، جيڪا شايد اوهان کي ڪڙوي لڳي، اسين ـ يعني اوهين جن کي “موهن جو دڙو” ۽ “مِهر ڳڙه” جا رهواسي سڏيو ٿا ـ اسين، سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو،نه ته فقط “سنڌي” آهيون، نه “بلوچ”، اسين ته رڳو زندگيءَ جي ٻيڙيءَ کي گهليندڙ ملاح آهيون، هڪ ٻئي سان ڏکن، سورن، ۽ خوشين کي ورهائيندڙ، سادن، مهذب، ۽ آزاد انسان آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.