ملڪ جي وڏي حصي ۾ هلندڙ برساتن ۽ نتيجي ۾ آيل ٻوڏ جي تباهي هڪ اهڙو الميو آهي، جنهن کي ڪو هڪ ادارو به منهن نه ٿو ڏئي سگهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان معاملي تي سٺي قوم گڏ ٿئي. تنهن ڪري اسان جي اڳواڻن کي ٻين مسئلن ۽ معاملن ڏانهن بي مقصد توجهھ ڏيندي افسوس ٿو ٿئي. مثال 2022 جي ٻوڏ ۾ ان وقت جي وزيراعظم کي سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيلي ڪاپٽر مان کاڌي پيتي جا پارسل اڇلائي ڏنا. هڪ ٻي وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو ته سنڌ جو وڏو وزيرسيد مراد علي شاھ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ان وقت جي وزيراعظم ميان شهبازشريف سان گڏ سکر ۾ قائم امدادي ڪيمپ ۾ وڃي رهيا هيا. پر انهن ليڊرن اهڙي ڪم ۾ پوءِ به دير ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ ٽن چئن هفتن کان شديد برسات ٿي رهي هئي. انهن کي اها وضاحت ڪرڻي پوندي ته ايترن ڏينهن کانپوءِ فوج کي مدد لاءِ ڇو گهرايو ويو ۽ اڳ ۾ ڇو نه گهرايو ويو. ان سان گڏ جڏهن ته سڄي ملڪ کي خبر آهي ته اسان جا ڪجهه سياسي اڳواڻ ڪيترا امير آهن، اهي پنهنجي کيسي مان هڪ رپيو به خرچ ڪرڻ کانسواءِ ٻاهرين امير ملڪن چندي جي اپيل ڪري رهيا هيا. جيتوڻيڪ اهي خاموشي سان فنڊ ڏئي پئي سگهيا، اهو ڪافي ناهي پر جيڪڏهن اهي محسوس ڪن ٿا ته ٻوڏ متاثر ماڻهن سان ملڻ ۽ پاڻيءَ ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ کاڌي پيتي جا پارسل موڪلڻ سان انهن کي عام ماڻهو پوءِ هڪ سٺي نظر سان ڏسي سگهن ٿا ته پوءِ اهي پنهنجي کيسي مان به خرچ ڪن ته جيئن سماج جا ٻيا امير ماڻهو به ان جو مثال ڏئي سگهن.
اتي هڪ اعتراض اهو به هيو ته هڪ سياسي اڳواڻ کي پيسا ورهائيندي ڏيکاريو ويو ته هو بي گهر ماڻهن جي مدد ڪري رهيو هيو. هن کي شايد هن طرح پئسا هٿ ورهائڻ ۾ اهو محسوس ٿيو هجي ته هو وڏو سخي آهي، پر درد اهو آهي ته هن ان طريقي سان ماڻهن جي عزت نفس مجروح ڪئي جيڪا سوشل ميڊيا تي انتهائي ناپسنديده ڪئي وئي هئي ان ڪري ته ان وقت ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ان صورت ممڪن نه هئي پر انهن جي بنيادي ضررورتن کي منهن ڏيڻ ئي سياسي مڙسي هئي پر ان وقت ماڻهن کي ان ڳالهه ۾ به تماشو لڳو ته هو انهن جي مستقل مدد ڪرڻ بجاءِ انهن ماڻهن جي عارضي مدد ڪري رهيا هيا جيئن اهي ماڻهو هڪ اسٽيشن تي ڦاٿل هجن ۽ اها اسٽيشن جڏهن ٽپي ويندا ته مسئلا پوئتي رهجي ويندا پر ارباب اختيار ماڻهن کي ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيڪي به مسئلا اٿن يا تڪڙا ٿي پون ته انهن جي امداد بجاءِ جو ماڻهن جي هٿئون ڪئي وڃي پر انهن جي مستقل امداد لاءِ ڪي ادارا جوڙيا وڃن ته جيئن انهن جي امداد ڪنهن شخص جي مرهونِ منت نه هجي پر رياست جي ادارن جو بار هجي ته اهي انهن جي امداد ڪندا رهن جيستائين اهي وري گهر وسائڻ جي پوزيشن ۾ نه اچن.
سڄي ملڪ سان گڏ ڏکڻ پنجاب جا ڪيترائي ضلعا ٻڏي ويا هيا، اتي ماڻهن کي اها شڪايت هئي ته انهن جي گهربل امدادي ڪم ناهي ٿي سگهيو. ان وقت پنجاب جي ضمني چونڊن ۾ پ پ کي شڪست ملڻ کانپوءِ ماڻهن کي اميد هئي ته مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ اتي سرگرم نظر ايندا. پر مسلم ليگ (ن) جي ڪنهن به سينيئر اڳواڻ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ جو ڪو ثبوت نه ڏٺو. انهن متاثر ماڻهن جي همدردي ظاهر ڪرڻ ۾ جو ڪو ثبوت نه ڏنو، جن جا گهر ڊهي ويا آهن ۽ جن پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو هيو. خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ به وڏي پئماني تي تباهين جي هڪجهڙي ڪهاڻي ٻڌائي وئي، اتي جي حڪومتن به ان سنگينيءَ کي منهن ڏيڻ ۾ سستي ڏيکاري. انگن اکرن موجب 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا. جيڪي ڪنهن حد تائين هڪ حيران ڪندڙ انگ اکر هيا. ان سستي جو مطلب اهو هيو ته ملڪ ۾ ادارن جي کوٽ آهي جن تي سرڪار انهن ڪمن جي لاءِ ڀاڙي سگهي ۽ جنهن جي لاءِ حڪومت اها ڳالهه چوڻ ۾ ڀرُ هجي ته اهي ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي ريهيبيليٽيشن ۾ ترت اپاءَ وٺي ڪمن کي اڪلائي رهيا آهن، پر اها ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي ته اسان مان هر هڪ کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن فطرت طرفان متاثر ٿيل ماڻهن کي ڪجهه وقتي رليف حاصل ٿي سگهي. اڌ ارب ڊالر ان وقت جيڪي بين الاقوامي تنظيمن پاران واعدو ڪيا ويا ته ڏنا ويندا سي ڪافي نه هيا.
پر سرڪار کي انهن ماڻهن کان وڌيڪ آسرو هيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ جو پاڻي گهٽجي ويندو، بنيادي ڍانچي اندر جيڪي نقص هوندا اهي ظاهر ٿي ويندا، ان کانپوءِ آساني سان فصلن ۽ جانورن جي نقصان جو صحيح اندازو لڳائي سگهبو. ان ڪري اسان مان هر هڪ تي فرض هيو ته وقت سر اڳتي وڌجي هان ۽ ادارن جي اڻهوند جي ڪري وقت سر انهن ماڻهن کي تحفظ ڏئي سگهجي هان. اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي تي جيڪڏهن ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کان گذران جو سامان ٻوڏن کسي ورتو ته پوءِ انهن وٽ روزگار جي تلاش ۾ شهري مرڪزن ڏانهن وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هيو ته جيئن هو پنهنجي خاندان جو پيٽ پالي سگهن، ان ڪري لڏپلاڻ جا رجحان پوءِ وڌي ٿا وڃن، روزگار، صحت، تعليم ۽ بنيادي سهولتن جي اڻهوند جي ڪري ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجي ٿي وڃي، جنهن جي ڪري سماجي برايون ۽ بدامني به وڌي ٿي وڃي، ماڻهن جي رَهِي کهُي جان مال به خطري جي زد ۾ اچي ٿا وڃن، ماڻهن ۾ وبائي بيماريون وچڙي ٿيون وڃن.
گذريل سال جي ٻوڏ جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ 9 بلين ڊالرن کان وڌيڪ امداد جو واعدو ڪيو ويو هيو جڏهن ته 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو هيو. اهو اڃان تائين طئي ناهي ڪيو ويو ته رقم جو ڪيترو حصو گرانٽس بمقابلا قرضن جي صورت ۾ هوندو. اهو هڪ اهڙو نقطو آهي، جيڪو ماضي ۾ پاڪستان جي فنڊن کي روڪڻ لاءِ بار بار اٿاريو ويو هيو. ڪرپشن ۽ بدانتظامي هن دليل کي منهن ڏيڻ ۾ اهم عنصر طور سامهون اچن ٿا. اهڙي قسم جي دليلن کي ڊونر ۽ وصول ڪندڙ ٻنهي جي نقطه نظر کان حل ڪرڻ ڏکيو آهي. ملڪ ۾ لکين ڪروڙين ٻوڏ متاثر آهن، جن کي مدد جي سخت ضرورت آهي. 2022 ۾ ترقي يافتا ملڪن پاران ”موسم جي بحالي“ تي بحث مباحثو ڪيو ويو هيو، جنهن بعد ۾ صنعتي انقلاب کي ماحولياتي تبديلي جو ذميوار قرار ڏنو ويو هيو. حقيقت ۾ تازي سائنسي تحقيق پڻ "نوآبادياتي سسٽم” جنهن جو پاڪستان شڪار آهي، کي موسمياتي تبديلي جي هڪ اهم محرڪ طور پيش ڪيو وڃي ٿو. موسمياتي تبديلي تي بين الاقوامي حڪومتي پينل جي تازي رپورٽ، جيڪا نوآبادياتي تي موسمياتي تبديلي جي اثر جو جائزو وٺي ٿي، "نوآبادياتي سسٽم” کي نه رڳو موسمياتي بحران جي سبب طور تي، پر هڪ جاري مسئلي جي طور تي پڻ پيش ڪري ٿو. ان ڪري ترقي يافته ملڪن جي ڪلهن تي ذميداري جو وڏو بار وجهي ٿو. اهو مڃڻ ته اڳوڻن نوآبادين جهڙوڪ آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ملڪ نوآبادياتي ۽ ماضيءَ جي آباديءَ جي اثرن کان آزاد ٿي ويو آهي، سو خيال گمراھ ڪندڙ آهي.
ڏکڻ ايشيا ۾ آزاديءَ کانپوءِ رياستن کي سندن ئي اڳواڻن پاران ”نوآبادياتي“ بڻايو ويو ۽ اها ڪالونائيزيشن خود مقامي حڪمرانن جي ڪوششن ذريعي وجود ۾ آئي، اقتدار جي خال کي ڀرڻ لاءِ جيڪو ڪالونائيزر ڇڏي ويا. انهن پنهنجي اڳوڻي آقائن جي بدعملن کي ورثي ۾ آڻڻ ۾ جلدي ڪئي ۽ انهن کي خراب ڪري پنهنجي ڪنٽرول کي مضبوط ڪيو، انهي طريقي سان رياست تي انهن جي گرفت کي يقيني بڻائي هان. پوءِ اها ڪا به تعجب جي ڳالهه ناهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ذميوار وزارتون ۽ ادارا بنيادي ڍانچي ۽ گهربل ماهرن جي کوٽ ۾ آهن. پاڪستان جو عالمي سطح تي اخراج جو حصو ترقي يافتا قومن جي مقابلي ۾ ڪجهه به ناهي. پاڪستاني حڪومت جي اندر ڪرپشن جو مطلب اهو ناهي ته ڪنهن به بدلجندڙ ماحول جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. مختلف اين جي اوز پاران ڪوششون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هو پنهنجي ذاتي مفادن کي الڳ ڪرڻ لاءِ انهن جي مدد ڪن، جن کي انهن جي گهرن ۽ زندگين کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪن. حقيقت ۾ انهن مان ڪيترن ئي اين جي اوز سان لاڳاپيل رضاڪار سرڪاري مشينري پنهنجي ٻوڏ جي امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ کان اڳ ئي ڏورانهن هنڌن تي متاثر علائقن ۾ پهچي ويا هيا جن نه ڪچا پڪا گهر ٺاهي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي، پر ڳوٺاڻن کي تربيت پڻ ڏني ته جيئن گهٽ قيمت تي تعميراتي مٽيريل استعمال ڪري مقامي طور تي اهڙا پائيدار گهر ٺاهي سگهجن. اهو ضروري آهي ته موسمياتي تبديلي جي وچ ۾ لاڳاپن کي سمجهڻ ۽ ان قسم جي ترقياتي نمونن جو تعاقب ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ پاڪستاني حڪومت ترقيءَ لاءِ هڪ مضبوط منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، جيڪو The Living Indus آهي. جنهن ۾ سنڌوءَ جي ماحولياتي صحت کي بحال ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ آهي ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ عمل جو سڏ به آهي. ترقي يافتا ملڪن جو ڊونرز جي حيثيت ۾ اهو ضروري آهي ته انهن جي ٽيڪس ادا ڪندڙن جي محنت سان ڪمايل پئسو ماڻهن تائين پهچي. اهو انهن ملڪن لاءِ به هڪ فرض هجڻ گهرجي ته هو مالياتي وهڪري کي باخبر رکڻ لاءِ هڪ مضبوط نگراني وارو نظام قائم ڪن ۽ ادارن ۽ فردن جي صلاحيت کي مضبوط ڪن ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي ذريعي انهن جي مدد ڪن.