هي سنڌ جا نوجوان 33ٽو 39 IBApass پاس 2021 کان سراپا احتجاج آهن ۽ ڪافي دفعا اوهان سان روبرو ملاقات ڪئي وئي آ اوهان هنن کي آسرا ۽ دلاسا ڏنا آهن ته پهريان 40 +pst مڪمل ٿي وڃن پوءِ جتي ضرورت هوندي اتي اسان هيٺ لهي اينداسين باقي آئون ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان ۔سائين اوهان بلڪل درست آهيو پر جئين اوهان چيو آ ان تي قائم رهو جتي نوجوان 40 + pst مڪمل ٿي ويا آهن اتي اوهان هيٺ لهي اچو۔
سنڌ جي نوجوانن جو نماڻو عرض آهي ته جتي 40 +pst ايڊجيسٽ ٿي ويا آهن اوهان ڀلي اتي ئي 33 ٽو 39 IBA pass سنڌ جا نوجوان ايڊجيسٽ ڪيو ان تي ڪوئي اعتراض ناهي ۽ نه ان ۾ اوهان جو ڪو ڏوهه آهي. هي نوجوان هن وقت اوور ايج عمر ۾ تقريبن 35 سالن کان 45 سالن جا آهن هاڻي pst جي ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ اهل نه هوندا جڏهن ته هن وقت سرڪاري جابس لاءِ عمر جي حد 28 سال کان 33 سال آهي۔حڪومت طرفان وڌ ۾ وڌ 2 سال کان 3 سال رعايت آ مطلب وڌ ۾ وڌ عمر جي حد نوڪري لاءِ35 سال ٿي سگهي ٿي پر هي نوجوان 35 سالن کان 45 سالن جا آهن ۔هنن سنڌ جي نوجوانن جي عمر جي لڄ رکجان. هن وقت ڪافي ضلعن جي تعلقن ۾ 40+pst مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ڪافي سيٽون pst جون خالي آهن ۔
ضلعي شهيدبينظيرآباد جي چئن تعلقن ۔تعلقو سڪرنڊ۔تعلقو نوابشاهه۔تعلقو دوڙ ۽ تعلقو قاضي احمد ۾ 40 + pst مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ڪافي pst جون سيٽون موجود آهن ۽ 33 ٽو 39 IBA pass آرام سان ايڊجيسٽ ٿي ويندا بس اوهان جي حڪم جي دير آ جڏهن ته تعلقي قاضي احمد جي sne به سي ايم صاحب جي ٽيبل تي موجود آ ان کي به منظور ڪري نوجوانن کي ذهني مريض کان بچايو وڃي۔۔ هاڻي اميد آهي ته سنڌ جي نوجوانن عمر جي لڄ رکجو ۽ جتي 40 + مڪمل ٿي ويا آهن اتي هيٺ لهي 33 ٽو 39 IBA pass اميدوارن کي ايڊجيسٽ ڪجو ۔
(پاران سنڌ جا نوجوان 33 ٽو 39 IBA pass 2021 )
غلام حيدر ميربحر