گلگت بلتستان(م ڊ)گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر جي علائقي بابوسر ٿڪ ۾ شديد برساتن ۽ سيلاب سبب وڏي تباهي، 3 سياح فوت، 4 زخمي ۽ 15 لاپتا ٿي ويا،حڪومتي ترجمان فيض الله فراق موجب ٿڪ بابوسر روڊ تي اوچتو آيل ٻوڏ سياحن جي 8 گاڏيون وهائي وئي، جڏهن ته 15 ڄڻا اڃا تائين گم آهن،ترجمان ٻڌايو ته 3 فوت ٿيل سياحن جا لاش ملي ويا آهن، جڏهن ته 4 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته علائقي ۾ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، پر سيلاب سبب علائقي جي مواصلاتي نظام کي شديد نقصان پهتو آهي ۽ آپٽڪ فائبر ڪنيڪشن به متاثر ٿي آهي،ترجمان مطابق هزارين سياح علائقي ۾ ڦاٿل هئا، جن مان ڪيترن کي مقامي آبادي پناهه ڏني، جڏهن ته حڪومت شاهراهه بابوسر تي ڦاٿل سيڪنڊن سياحن کي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو آهي.