پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا اسيمبلي مان سينيٽ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي مراد سعيد سميت 6 اميدوار ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته اپوزيشن کي 5 سيٽون مليون، ڪالهه خيبر پختونخوا اسيمبلي ۾ سينيٽجي11 سيٽن تي چونڊ ٿي، جنهن دوران 25 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ 7 جنرل سيٽن مان چار پي ٽي آءِ ۽ پ پ، ن ليگ ۽ جي يو آءِ کي هڪ هڪ سيٽ ملي، عورتن جي ٻن سيٽن تي هڪ پي ٽي آءِ ۽ هڪ پ پ، جڏهن ته ٽيڪنوڪريٽ جي ٻن سيٽن تي هڪ پي ٽي آءِ ۽ هڪ جي يو آءِ ف ڪامياب ماڻي، اليڪشن دوران اسيمبلي جي سمورن 145 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، پي ٽي آءِ کي سندن 92 ووٽ مان89 ووٽ مليا، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن ڪامياب اميدوارن جا سرڪاري نتيجا ظاهر ڪري ڇڏيا، ريٽرننگ آفيسر اليڪشن سرٽيفڪيٽ فارم 58 جاري ڪيو، سرڪاري نتيجي موجب، پي ٽي آءِ جي مراد سعيد 26 ۽ فيصل جاويد 22 ووٽ، نورالحق قادري ۽ مرزا گل آفريدي 21، 21 ووٽ، اعظم سواتي 89 ووٽ ۽ پي ٽي آءِ جي روبينا ناز 89 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب قرار ڏنا ويا، ٻئي پاسي، اپوزيشن طرفان چونڊ ۾ حصو وٺندڙ پيپلزپارٽي جي طلحه محمود جنرل نشست تي 17 ووٽ، مسلم ليگ (ن) جي نياز احمد خان 18 ووٽ، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي عطا الحق درويش 18 ووٽ، جي يو آءِ (ف) جي دلاور خان 54 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽ تي پيپلزپارٽي جي روبينا خالد ڪامياب ٿي، سينيٽ اليڪشن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ ٿيل معاهدي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويو، وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ اپوزيشن ليڊر ڊاڪٽر عباد معاهدي تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي، فارمولي جي تحت حڪومت کي 6 ۽ اپوزيشن کي 5 سيٽون مليون، اپوزيشن ۽ حڪومت ٻنهي پنهنجن ميمبرن کي هڪ خاص فارمولي تحت ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي هدايت ڏني هئي،