مٺي(رپورٽ:غازي بجير)اهم هائوسز جي نوڪرن پاران ٿر جي انتظامي ڪمن ۾ مداخلت ڪرڻ جا انڪشاف،غريبن جون ھر طرف دانھون،خبر موجب:اهم گهرن سميت پ پ جي وزيرن،مشيرن ۽ مرڪزياڳواڻن وٽ بورچي ۽ ڊرائيوري جي ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن پاران ٿر جي سياسي ۽ انتظامي ڪمن ۾ مداخلت ڪرڻ جا انڪشاف روزاني بنيادن تي سامھون اچي رھيا آھن،انھي سلسلي م ذريعن کان مليل رپورٽن موجب زرداري ھائوس،بلاول ھائوس سميت آصفہ ڀٽو،پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر توڙي ٻين وزيرن،مشيرن ۽ اڳواڻن وٽ بورچي،ڊرائيوري توڙي ٻي نوڪري ڪندڙ ملازم ھائوسز جا فون ۽ اڳواڻن جو نالو استعمال ڪري ٿر جي انتظامي ڪمن ۾ مداخلت ڪري رھيا آھن،جنھن سبب مقامي پ پ جي چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميا مجبورن پريشان ٿي وئي آھي،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن پاران آفيسرن کي ھر ننڍي وڏي ڪم ۾ تنگ ڪرڻ معمول بڻيل آھي،وڏن ھائوسز سميت پ پ جي اڳواڻن وٽ ڊيوٽيون ڪندڙ ملازمن جي خوف سبب انتظامي عهدن تي ويٺل آفيسر ملازمن جي ھر حڪم کي تسليم ڪري ڪم ڪندي نظر اچن ٿا،انھن ملازمن جو واسطو ڇاڇري،ڏاھلي ۽ ننگرپارڪر تعلقن سان آھي،جتان جي غريب ۽ بي پھچ ماڻھن سان اھو ملازم ظلم پڻ ڪرائي رھيا آھن،ڳوٺن جي ھر ننڍي وڏي معاملي م مداخلت ڪرڻ سان گڏ ملازم ڇوڪرا انتظامي سورس استعمال ڪرائي ماڻھن کي تنگ ڪري رھيا آھن اھڙيون شڪايتون ھر آئي ڏينھن عام بڻجي ويون آھن ۽ ڳوٺن جا اٻوجهه ماڻھو سخت خوف ۽ پريشاني ۾ وٺجي ويا آھن،ھر ماڻھو اھڙي حالت ڏسي اچرج ۾ اچي ويو آهي،جڏھن ته ڳوٺن جي ماڻھن گھڻو زيادتين مان تنگ ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا جو سھارو وٺندي ملازمن خلاف ڳالھائڻ شروع ڪري ڏنو آھي ۽ روزاني بنيادن تي ماڻھن جون دانھون ڪوڪون ٻڌن ۾ اچي رھيون آھن،
ٿر مان چونڊيل نمائندن جون ملاقاتون اسان ڪرائيندا آهيون:ملازمن جي دعويٰ
مٺي:ڳوٺاڻن موجب ته پ پ جي مرڪزي قيادت وٽ ڊيوٽي ڪندڙ ننڍا ملازم دعويٰ ڪندا رھن ٿا ته ٿر مان جيڪي به پ پ جا چونڊيل نمائندا اچڻ ٿا انھن جون ملاقاتون اسان ڪرائيندا اھيون،انھي جي ڪري ھتان جا ايم ايز توڙي ايم پي اي به تڪن اندر انھن ملازمن جي سپورٽ ڪرڻ لڳا آھن ۽ انتظاميا بہ مجبور رھڻ لڳي آھي،
ملازمن جا ويجها ساٿي به مالي طور”مستحڪم“ ٿيڻ لڳا
مٺي:ملازمن کي ويجھا رھندڙ عام ماڻھو به ٿوري عرصي ۾ مالامال ٿي ويا،ذريعن موجب ته ملازم رھندڙ نوڪر آفيسرن توڙي مختلف ڊپارٽمينٽ کان ٺيڪن سميت ڪيئي ڪم ۽ بجيٽون ڪڍرائيندا رھندا آھن،
بورچي خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج
مٺي:ھائوس جي بورچي خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج،تشدد ۽ مارڪٽ جون دانھون،انھي سلسلي ۾ ننگرپارڪر جي ڳوٺ تڙ عبدالرحيم جي رھواسي الهواريو سمون دانھيندي ظلمن جا الزام ھنيا آھن،ڳوٺاڻي الھورايو سمون دانھيندي چيو آھي ته ھائوس جي بورچي ۽ ٻين مونکي يرغمال بڻائي مارڪٽ ڪئي ۽ پوليس ھٿان ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون،ھن چيو تہ پانڌي سمون ۽ ان جي غنڊن ٻني ۾ تشدد جو نشانو بڻائي،يرغمال ڪري گهٽا ڏنا ۽ ڌمڪيون ڏنيون،
”هائوسز“ جا ننڍا ننڍا نوڪر ڊان بڻجي ويا آهن:ڪاشف بجير
مٺي:سرگرم سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل ڪاشف بجير عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آھي هائوسز جا ننڍا ننڍا نوڪر ٿر ۾ وڏا ڊان سڏائي ماڻھن جي پلاٽن تي قبضا ڪرڻ ۾ رڌل آھن،ضلعي جي آفيسرن کي به ملازم بليڪ ميل ڪري غلط سپورٽ وٺندا رھن ٿا،ڪجھ مھينا اڳ ۾ منھنجي مٺي واري پلاٽ تي قبضو ڪيو ويو،ٿر ۾ ھن وقت هائوسز جي نوڪرن جي ڳالھ ھلي ٿي چونڊيل نمائندن کي به ھو نٿا کنگھن،
بورچي،ڊرائيور ۽ ٻيا نوڪر آفيسر مقرر ڪرائڻ لڳا!
مٺي:ضلعي جا اھم افيسر به پ پ اڳواڻن وٽ ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن جي خواھشن تي مقرر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته پ پ جي مرڪزي قيادت وٽ ڊيوٽيون ڪندڙبورچي،ڊرائيور توڙي ٻيا نوڪر ضلعي ۾ آفيسر به پنھنجي خواھشن تي مقرر ڪرائڻ ۾ اڳتي آھن،جنھن سبب اڪثر آھن عھدن تي مقرر ٿيندڙ آفيسر انھن ملازمن جي حاضري ڀريندي نظر ايندا آھن ڪيترن ئي آفيسرن جون ملازمن جي جنم ڏينھن تي تصويرون انھن سان سوشل ميڍيا تي نظر اينديون رھنديون آھن ۽ آھي آفيسر ننڍن ملازمن جون دعوتون پڻ ڪندا رھندا آھن،