نوابشاھ (غلام نبي ڀنڀرو) قائدعوام يونيورسٽي ۾ فنڊن جي گهوٻين وارو معاملو ظاهر ٿيڻ کان پوءِ گرفتاري جي خوف کان وائيس چانسلر. رجسٽرار ۽ چيئرمين اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمنٽ زباني موڪل تي روانا ٿي ويا. فرار جوابدارن پاران ضمانت لاء ڪوششون تيز ٿي ويون آهن. ايف آئي اي سرڪل شهيد بينظير آباد جي ڪاروائي بعد ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۽ ٻين آفيسرن ۾ ٿرٿلو متل آهي. قائدعوام يونيورسٽي جي رجسٽرار رضوان صديقي پرو وئيس چانسلر زاهد بڙو ۽ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ چيئرمين پروفيسر ستار ساند پنهنجي ڊين کان زباني ڪلامي وٺي يونيورسٽي مان فرار ٿي ويا جڏهن ته قائد عوام يونيورسٽي جو وائيس چانسلر سليم رضا سمون پنهنجي موڪل ختم ٿيڻ باوجود يونيورسٽي نه پهتو ۽ وائيس چانسلر جي چارج 24 جولاء تائين زباني طور پرو وائيس چانسلر زاهد ابڙو حوالي ڪري ڇڏي، تنهنڪري نوابشاھ جون 2 يونيورسٽيون بغير وائيس چانسلرن جي هلڻ لڳيون ڇو ته سليم رضا سمون قائدعوام يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هئڻ سان گڏوگڏ هن وٽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي وٽرنري اينڊ اينيمل سائنس جي وائيس چانسلر جي اضافي چارج به رکي ٿو. يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار رضوان صديقي. ۽ ھڪ ٻيو اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ستار ساند به زباني موڪل تي روانا ٿيل آهن.جڏهن ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي ٽيم يونيورسٽي پهتل آهي ان ٽيم کي پروفيسر ستار ساند پاران يونيورسٽي جو دورو ڪرائڻو هو پر پروفيسر ستار ساند جي زباني ورتل موڪل تي روانگي کانپوء ان ٽيم کي ڊين فيڪلٽي پروفيسر عبدالفتاح چانڊيو ۽ ٻين آفيسرن دورو ڪرايو. قائد عوام يونيورسٽي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس قمر دين شيخ رمانڊ تي ايف آئي اي جي تحويل ۾ آهي جنهن جو رمانڊ اڄ ختم ٿي ويندو ۽ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.