اسلام آباد(قربان بلوچ)ملڪ ۾ نئون نظام آڻڻ جو پڙاڏو،مڪاني نمائندن کي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو،خبر موجب پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا حڪمراني هلي رهي آهي اها هاڻي ائين نه هلندي،عوام تڙپندا رهن ۽ حڪمران مزا ڪندا رهن ۽ اهي ڪنهن کي جوابده نه هجن،ٻه مهينا اڳ اسلام آباد جي اداري ۾ هڪ ملڪ ۾ طرز حڪمراني بابت هڪ بريفنگ ٿي جنهن ۾ اهو بحث ڪيو ويو ته هن حڪمراني مان ماڻهو مطمئن آهن يا نه؟ماڻهو مطمئن ناهن ته مستقبل ۾ ڪهڙي حڪمراني هجي،ذريعن موجب ان بريفنگ ۾ اقتداري حلقن جو سربراهه موجود هو،بريفنگ لاءِ هڪ ڪلاڪ جو وقت مقرر هو پر اها ٽي کان چار ڪلاڪ ڊگهي ٿي وئي،75 سيڪڙو وقت سوالن جوابن ۾ گذري ويو،ان بريفنگ ۾ ايندڙ مستقبل ۾ حڪمراني واري نظام لاءِ صدارتي ۽ پارلياماني نظام گڏائي ڪرڻ بابت تجويزون ڏنيون ويون،انهي پلان ۾ اها ڳالههشامل آهي ته عوام موجوده پارلياماني نظام مان مطمئن ناهي،چونڊيل نمائندا پنهنجي ووٽرن کي جوابده ناهي، عوام جي چونڊيل نمائندن، وزيرن پارلياماني سيڪريٽرين تائين رسائي ناهي،عام ماڻهو جمهوري عمل مان بدظن ٿي ويا آهن،ان حوالي سان تجويزون اهي آهن ته صدربگ باس هوندو،وزيراعظم چيف ايگزيڪيٽو هوندو پر صدر جي ماتحت هوندو،اهو ڪنهن پارٽي،اداري کي جوابده نه هوندو،اها ڳالهه به ڪئي وئي ته صدر ڪنهن به معاملي تي وزيراعظم جي راءِ يا سفارش کي مڃڻ جو پابند نه هوندو،جيڪا وفاقي ڪابينا ٺهندي اها رڳو چونڊيل نمائندن تي مشتمل نه هوندي ان ۾ ٽيڪنوڪريٽ به شامل هوندا،چونڊيل نمائندا وزيراعظم جي سفارش تي وزير بڻجندا،ٽيڪنوڪريٽن ۽ ماهرن کي صدر پاڪستان مقرر ڪندو، مشرف دور ۾ اين آر بي ادارو ٺهيو هو جنهن مڪاني نظام ۽ پوليس نظام بابت گهڻيون سفارشون ڪيون هيون پر اڳتي هلي چونڊيل حڪومتن اهو سسٽم دفن ڪري ڇڏيو ته جيئن سندن اختيار برقرار رهن،ذريعن موجب هاڻي وري مشرف دور وانگر مڪاني حڪومتن کي مضبوط ڪيو ويندو،مڪاني نمائندا عوام جي پهچ جي قابل بڻايا ويندا،مڪاني نظام کي وڌيڪ مالي اختيار ڏنا ويندا،15 سال گذرڻ باوجود صوبائي حڪومتن اين ايف سي ايوارڊ جا فائدا هيٺين سطح تائين نه پهچايا،هاڻي نئين تجويز ڪيل نظام ۾ مالي وسيلا وفاق کان صوبن تائين،صوبن کان ڊويزن،ڊويزن کان ضلعي سطح تائين منتقل ڪيا ويندا،جڏهن ته موجوده پارلياماني نظام ۾ جيڪي ادارا عوام لاءِ ڪارآمد ناهن انهن کي بند ڪيو ويندو،ذريعن موجب اها بريفنگ ختم ٿيڻ بعد ان جي تجويزن تي عملدرآمد لاءِ ٽائم لائن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي،ان تي عملدرآمد جا اختيار طاقتور اداري جي سربراهه حوالي ڪيا ويا آهن.