مورو (عوامي آواز نيوز) مورو ڀرسان پرڻ شهر ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران سنڌ جي تازي ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال، خاص ڪري زمينن تي جاري غيرقانوني ولار، ڳوٺ بجراڻي لغاري جي شهيدن سان انصاف، ڳوٺاڻن جي بيگناھ گرفتارين ۽ جبري گمشدگين خلاف جلسو منتقعد ڪيو ويو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهن ۽ قومي تحريڪن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.جلسي جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيف آرگنائيزر سائين فيض الله جوڻيجو ڪئي. ٻين اهم مقررن ۾ قومي اڳواڻ سيد اصغر شاهه، اصغر لنڊ، شهاب شاهه، اسلم ڪوريجو، يونس راهو ۽ ٻين قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي ۽ خطاب پڻ ڪيو جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قابض طاقتور ڌريون مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪري رهيون آهن، جنهن خلاف قوم کي جاڳائڻ جي سخت ضرورت آهي،بجراڻي لغاري ۾ ٿيل ظلمن، شهيد ٿيل بيگناھ ماڻهن جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي ڳوٺ لغاري بجراڻي جي بيگناھ ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري غائب ڪرڻ رياستي ڏاڍ جو حصو آهي، جيڪو برداشت نه ڪيو ويندو سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن کي نشانو بڻائي، تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر جيئي سنڌ محاذ پنهنجن شهيدن جي مشن تان پوئتي نه هٽندو فيض الله جوڻيجو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ سنڌ ٻيهر بندوقن، جبر ۽ معاشي غلامي جي ور چڙهيل آهي، پر اسان شهيدن جي راهه تي هلندي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.جلسي ۾ نوجوان، بزرگ شريڪ ٿيا، سنڌ جي تحفظ لاءِ اتحاد جو مظاهرو ڪيو.