اسلام آباد(م ڊ) وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز وسڪاري برسات سبب سيدپور ڳوٺ ۾ برساتي نالا اٿلي پيا، پاڻيجو وهڪرو تيز هجڻ ڪري ڪيتريون ئي گاڏيون به نالن ۾ لڙهي ويون، ٻئي طرف، نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جاڙن شهرن ۾ تيز برساتن جو الرٽ جاري ڪيو، چيو ته اسلام آباد، پنڊي ۽ پوٺوهار ريجن ۾ تيز برسات پوندي.