سنڌ ۾ برسات، مواصلاتي نظام درهم برهم، وڄ ۽ ڀت ڪرڻ سبب ٻه ڄڻا فوت

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برساتن سبب مواصلاتي نظام درهم برهم بڻجي ويو آهي.بينظير آباد ضلعي جي مختلف شهرن ۾ گذريل رات برساتن جي وسڪاري سان موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته گرميءَ جي لهر جو زور به ٽٽي پيو. ٻئي طرف ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بندش سبب شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. نوابشاهه، دوڙ، ٻانڌي ، ڄام صاحب، بڇيري، منھڙو، جمال شاھ، قاضي احمد، سڪرنڊ، سرهاڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات دير تائين برسات وسندي رهي. حيدرآباد شهر ۾ گذريل رات ۽ ڪالهه صبح جو هڪ دفعو ٻيهر پيل برسات شهر جا هيٺياهين وارا علائقا، روڊ رستا ۽ چوراها پاڻي سان ڀري ڇڏيا. لطيف آباد، قاسم آباد ۽ سٽي وارن علائقن ۾ روڊن تي پاڻي بيٺل رهيو.حيسڪو جا فيڊر ٽرپ ٿي ويا . سکر ۾ برسات سبب   پريالوء ڀرسان ڳوٺ شهمير ڪلهوڙو ۾ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ پورهيت حياتي وڃائي ويٺو. سجاول جوڻيجو ۾ رات تيز ھوا سان برسات سجاول جوڻيجو جي ھيٺانھين واراڳوٺ پاڻي جا تلاء بڻجي ويا. سکر ۾ گزريل رات دير سان پيل برسات ۽ ڏينهن جو هلڪي هلڪي برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو موسم خوشگوار۔سڄو ڏينهن آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل رهيا. سکر ۾ مينهن کان پوءِ ٿڌي هوائن سان موسم خوشگوار ٿي وئي. لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان شروع ٿيل برسات سبب شهر جا مرڪزي روڊ، رستا، چوڪ، بازارون، اسپتالون ۽ ڳتيل آبادي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. شهر جي مڇي مارڪيٽ روڊ، سيد قائم شاهه بخاري روڊ، سڪ پل روڊ، سول اسپتال روڊ، ايس پي چوڪ روڊ، ڀينس ڪالوني روڊ تي برساتي پاڻي بيهجي ويو. هوڏانهن ايم پي اي لاڙڪاڻو جميل احمد سومرو، وڏي وزير جي معاون خصوصي خيرمحمد شيخ، ميئر لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ انور علي لهر، اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي سميت ٽائون چيئرمينن برسات دوران شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري ڊسپوزلز جا انتظامن جو جائزو ورتو. نصيرآباد جي بختاور ڪالوني ۾ برسات پوڻ دوران محمد قاسم نوناري جي مال جي واڙي جي ڀت.ڊھي پئي. جنھنجي نتيجي ۾ حاجي منظور نوناري زخمي ٿي پيو زخمي کي فوري طور تي نصيرآباد اسپتال آندو موجود ڊاڪٽر علاج ڪري جنھن جي حالت نازڪ ھجن لاڙڪاڻي اسپتال اماڻيو ويو پر رستي ۾ فوت ٿي ويو. راڌڻ ۾ برسات تباهي مڇائي ڇڏي،برسات تيز ھوا شھر ۾ لڳل سولر پلٽون وڻ دڪانن جا چاپڙ ڪري پيا. سنڌ سميت راڌڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقي ۾ وقفي وقفي ۽ تيز هواء سان گڏ تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو.  دادو، خيرپورناٿن شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ به وسڪارو ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.