ڪراچي(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌوءَ درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهھ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراھ سردار اختر مينگل کي ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي دبئي وڃڻ کان روڪڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته حڪومت جو ھي عمل سياسي انتقام ۽ آمراڻي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو، حڪومت سياسي مخالفن کي پروويزنل نيشنل آئڊنٽيفڪيشن لسٽ جي ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آھي، سردار اختر مينگل کي پرڏيھه وڃڻ کان روڪڻ ناقابل قبول ۽ غيرقانوني عمل آھي، سيد زين شاھه وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جعلي اليڪشن، سياسي تحريڪن تي پابندي ۽ ھاڻ عوامي نمائندن کي پرڏيهھ وڃڻ کان روڪڻ جھڙا قدم ھن ڳالهھ جو واضع ثبوت ڏين ٿا ته ملڪ ۾ سياسي بحران انتھا تي پھچي چڪو آھي، اھڙي ماحول ۾ حڪومت خلاف بغاوت اٿندي.