سکر/پنوعاقل(رپورٽ :سيد نعيم شاھ+راجا سليم مهر)سکر ضلعي مان امن جو پکي اڏامي ويو سکر جي پنوعاقل جي مبارڪ پور ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه ڄڻا قتل،هڪ ڄڻو زخمي، خبر موجب پنوعاقل ڀرسان مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڏوھارين ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا حفيظ مھر ، نثار مھر ۽ احمد علي مھر زخمي ٿي پيا تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيل زخمين مان 2 ڄڻا احمد علي مھر۽ نثار احمد مھر زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويا ۽ حفيظ مهر جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس سي ايم ايچ ڇانوڻي علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو،ممقتول نوجوانن جا لاش ضرور ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي ۽ علائقي ۾ پڻ سوڳ جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي.