اختر مينگل کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو

ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل کي ٻاهرين ملڪ سفر کان روڪيو ويو، ايف آءِ اي اختيارين موجب، اختر مينگل کي دبئي ويندڙ خانگي ايئر لائن جي اڏام تان آف لوڊ ڪيو ويو، ڇو ته سندس نالو پرويزنل نيشنل آئڊينٽيفڪيشن لسٽ ۾ شامل هئڻ سبب هن کي دبئي وڃڻ کان روڪيو ويو، سردار اختر مينگل چيو آهي ته مان دبئي لاءِ روانو ٿي رهيو هوس، مون کي اڏام تان لاٿو ويو، اميگريشن اسٽاف ٻڌايو ته سندس نالو پرويزنل نيشنل آئڊينٽيفڪيشن لسٽ ۾ آهي،اڳوڻي وفاقي وزير آغا حسن ۽ غلام نبي مري، اختر مينگل کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سردار اختر مينگل کي روڪڻ غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آهي، سندن چوڻ آهي ته اختر مينگل اڃا تائين قومي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ سندس استعيفيٰ به اڃا منظور نه ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.