حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ جي قومپرستن، سياسي اڳواڻن ۽ دانشورن، چناب درياهه تي نئون ڊيم اڏڻ واري واپڊا چيئرمين جي بيان کي تعصب پرستي قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ چٽي نموني اهو پيغام ڏئي چڪي آهي ته سنڌو درياهه ۽ ان جي سهڪاري ندين تي ڪو به ڊيم ۽ ڪينال قبول ناهي، اهڙو اظهار هنن عوامي آواز پاران ڪيل سروي دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي، چناب درياھه تي نئون ڊيم اڏڻ واري رٿا کي سنڌ دشمن قرار ڏيندي چيو ته سنڌو درياھه يا ان جي مددگار ندين تي ڪو به ڊيم يا ڪئنال قبول ناھي. واپڊا چيئرمين جو ڊيم اڏڻ بابت بيان تعصب پرستي تي ٻڌل آھي. دراصل انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي موجود ئي ناھي، جنھن ڪري ڪو به ڊيم ٺاھڻ جو مقصد سنڌ کي ريگستان ۽ ڀڙڀانگ بنائڻ جي ملڪ دشمن سازش ھوندي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته وفاق سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي سدائين سنڌ جي وجود خلاف فيصلا ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته سنڌو درياھه جي پاڻي تي سدائين پنجاب ڌاڙا هنيا آهن، پنجاب طاقت جي زور تي سنڌ جو پاڻي چورائيندو رهيو آهي، هاڻي وري واپڊا چيئرمين چئي ٿو ته ڀارت پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي تنهن ڪري چناب ڊيم ٺاهڻ اڻٽڙ آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڀارت پنجاب جو پاڻي بند ٿو ڪري ته ان جي خلاف عالمي عدالت ۾ وڃڻ بدران پنجاب وري زبردستي سنڌو درياھه جو پاڻي چورائڻ لاءِ ڊيم ۽ ڪينال ٺاهڻ جا فيصلا ڪندو، جيڪو عمل پڻ پاڻي جي ورهاست يا حقن مطابق عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، چناب ڊيم کي به رد ڪيون ٿا. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته چناب ندي تي پنجاب جي حڪمرانن ڊيم ٺاهي سنڌ کان مڪمل طور پاڻي کسڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو آهي. سمنڊ سجاول، بدين ۽ ٺٽي جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ پائي ويو آهي، سنڌ طاس معاهدي جو بهانو بڻائي پنجاب جا حڪمران سنڌ مٿان حملي آور ٿيا آهن، پر سنڌي ماڻهو پنهنجي پرامن جدوجهد ذريعي ظلم حڪمرانن کي شڪست ڏيندا. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو ته پنجاب جي قيادت، پاڪستان جي مرڪزي حڪومت ۽ بيوروڪريسي جي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي سڪائجي. پنجاب ڪڏهن به پاڻي معاهدن تي عمل ناهي ڪيو، سنڌو درياهه کي سڪائڻ جي ڪري سنڌ جي ماحولياتي ۽ معاشي تباهي ٿي آهي، سنڌ جو سڄو ايڪو سسٽم خطري ۾ پئجي ويو آهي. اسان چئون ٿا ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 50 ايم ايف پاڻي وڃڻ گهرجي ته جيئن سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي، سمنڊ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڳڙڪائي ويو آهي. هن چيو ته چناب تي ڊيم اڏڻ جو منصوبو اسان جي لاءِ موت آهي، جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان جي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پنجاب ڀارت کي درياهه وڪرو ڪرڻ بعد مسلسل سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي، سنڌو درياهه کي سنگھرون وجھڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڀاشا ڊيم ۽ مھمند ڊيم به اڏجن پيا، نئين چناب ڊيم جوڙڻ جو پلان بدنيتي تي جڙيل آھي. هن چيو ته انهن ٽنھين منصوبن تي وڏي رقم خرچ ٿيڻي آهي ۽ اها رقم به سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي ۽ زمينن تي ڌاڙو هڻي حاصل ڪئي ويندي. هن چيو ته چولستان ۽ چوبارا سميت ڇهن ڪينالن واري منصوبي کي سنڌ جي عوام پرامن عوامي مزاحمت سان رد ڪيو آهي، ان ڪري پنجاب وري ڪنهن ٻئي منصوبي ۽ نالي سان سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ چاهي ٿو. سنڌ مٿان چناب ڊيم جو ڪات اڇليو ويو آھي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کي انتھائي ڏاھپ ۽ بھادري سان پرامن عوامي مزاحمت جي ضرورت آھي. نامياري دانشور ۽ پاڻي جي معاملن تي نظر رکندڙ نصير ميمڻ چيو ته ڀارت پاران هڪ طرفو پاڻي معاهدو رد ڪرڻ کي جواز بڻائي واپڊا ڊيم اڏڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي، واپڊا سي سي آءِ ۾ سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ واري منصوبي جي رد ٿيڻ کان پوءِ سنڌو درياهه جي پاڻي تي نئين طريقي سان ڌاڙو هڻڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهي آهي. هن چيو ته واپڊا شروع کان وٺي هڪ صوبي جو نمائندا ادارو رهيو آهي، واپڊا ڪنهن به صورت ۾ وفاق يا ملڪ جو نمائندا ادارو ناهي رهيو، ماضيءَ ۾ به واپڊا جا چيئرمين ڪالاباغ ڊيم جي وڪالت ڪندا رهيا ۽ هاڻ وري چناب ڊيم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ ان ڳالهه تي بنهه چٽي آهي ته سنڌو درياهه تي ڪو به نئون ڊيم يا ڪينال قبول نه ڪندي. نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته آئيني ۽ قانوني طور تي واپڊا چيئرمين کي اهو مئنڊيٽ ئي ناهي ته هو پاڻي جي ڪنهن به منصوبي تي ڪو بيان ڏئي يا پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏي، اها ڳالهه طئه ٿي چڪي آهي ته سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي، جيڪڏهن پاڻي آهي ته پهريان ڊيلٽا کي ان جي گهرج موجب پورو پاڻي ڏيو ۽ اهو سلسلو رڪجڻ نه گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ واپڊا جهڙا ادارا زوري ڪالاباغ ڊيم جهڙا منصوبا تيار ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن ته جيئن هو سنڌ جو پاڻي چوري ڪري پنجاب کي ڏئي سگهن، هي درياهه جو رخ موڙي سنڌ کي سڪائڻ گهرن ٿا. سنڌ جو اهو موقف واضح آهي ته سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم ۽ ڪينال قبول ناهي، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ بخشل ٿلهو چيو ته ڊيم ٻوڏن، ڏڪار ۽ تباهين جو سبب بڻجن ٿا، پاڪستان هن وقت ماحولياتي تبديلي جي ورچڙهيل آهي. تنهن ڪري ڪڏهن ٻوڏ ٿيندي ته ڪڏهن سوڪهڙو ٿيندو. پر سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ واري ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي عوام کي قبول ناهي. واپڊا چيئرمين جي بيان مان لڳي ٿو ته هو ڪنهن نه ڪنهن بهاني پاڻي تي ڪنٽرول ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ پاڻي روڪڻ جي منصوبابندي پيا ڪن ۽ هو ڪارپوريٽ فارمنگ واري منصوبي تي عمل تيز ڪرڻ گهرن ٿا، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري چيو ته پنجاب سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي هڻڻ جي لاءِ مختلف منصوبا جوڙيندو رهيو آهي، هاڻ سنڌ طاس معاهدي جو بهانو بنائي سنڌ کان هڪ دفعو ٻيهر پاڻي ڦرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن ۾ وفاقي ۽ پنجاب حڪومت سان گڏ واپڊا به برابر جو شريڪ آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو واضح موقف ڏئي چڪا آهن ته سنڌو درياهه کي سڪائڻ واري هر سازش جو مقابلو ڪيو ويندو، واپڊا ۽ پنجاب جي اهڙي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، جنهن ذريعي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳي ۽ سنڌ کي نقصان پهچي. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نثار لغاري چيو ته سنڌو درياهه کي مکيه پاڻي فراهم ڪندڙ چناب ندي آهي، پنجاب پنهنجون 3 نديون هندستان کي وڪڻي چڪو آهي، هاڻ هو مختلف بهانن سان وري چناب تي ڊيم ٺاهڻ ٿو چاهي، جيڪا سنڌ پنجاب پاڻي معاھدي جي ڀڃڪڙي تصور ڪئي ويندي. اسين چناب ندي تي به ڊيم اڏڻ جي سخت مخالفت ڪندي ان جي شديد مذمت ڪريون ٿا.