حيدرآباد(رپورٽر) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آهي ته لاهور ۾ مون نئين پارٽي ٺاهڻ جي سادي انداز ۾ سافٽ انائوسمينٽ ڪئي هئي، نئين پارٽي ۾ رڳو پ پ شهيد ڀٽو جي انضمام ٿيڻ جي ڳالهه ناهي، ٻيون پارٽيون به ضم ٿي سگهن ٿيون، ملڪ ۾ بند دروازن جي پٺيان فيصلا پيا ٿين، سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ وارو فيصلو به بند دروازي جي پويان ٿيو هو، اسان کي اهو به اعتراض آهي ته جڏهن سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ وارو فيصلو سي سي آءِ ۾ ٿيو ئي نه هو ته پوءِ سي سي آءِ ۾ ختم ڪيئن ٿيو. حيدرآباد جي دوري دوران قاسم آباد ۾ ريئل اسٽيٽ ايسوسئيشن جي دعوت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته نئين پارٽي ٺاهيان پيو، جنهن ۾ پ پ شهيد ڀٽو ضم ٿي سگهي ٿي، پراڻن وفادار ڪارڪنن کي الڳ نٿو رکي سگهان، پر ڪوشش ڪندس ته نئين قيادت اڳيان اچي، ماء غنوا ڀٽو سان روز ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، منهنجي سياسي استاد فاطمه آهي، جنهن سان هر مسئلي تي صلاح مشورو ضرور ڪندو آهيان،اصل پيپلز پارٽي اسان آهيون، هن چيو ته ريحام خان جو ڪتاب پڙهيو اٿم، اها هڪ بهادر عورت آهي، مون کي نٿي سڃاڻي ته حيرت آهي، ڇو ته ائون گذريل 6 سالن کان سياسي ۽ سماجي ڪمن م سرگرم آهيان. هن چيو ته بلاول ننڍي هوندي منهنجو دوست رهيو آهي، پر بابا جي شهادت کانپوءِ گذريل 30 سالن کان ساڻس ناهي ڳالهايو،مون کي بلاول سان پيار آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جا اڳواڻ پارٽي جا وفادار ناهن انهن سان ڪڏهن نه ٺاھه نه ڪندس،انهن شهيد ڀٽو جي نظريي سان غداري ڪئي آهي،اهي ڀٽوئسٽ ناهن،اهي زردارئسٽ آهن هن چيو ته نئين پارٽي کانپوءِ سيد زين شاهه سان اتحاد ٿي سگهي ٿوهن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان جي پارٽي ۾ وڌ ۾ وڌ نوجوان اچن، اسان انهن نوجوانن جي لاءِ جڳهه ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪي سمجهن ٿا ته ڪا نئين عوام دوست سياسي جماعت اچي. هن چيو ته حڪومت جو نه ڪو احتساب ٿئي پيو ۽ نه ئي ڪا حڪومتي نظام ۾ شفافيت آهي، اسان جڏهن نئين پارٽي ٺاهي رهيا آهيون ته انهن ٻنهي نقطن تي جدوجهد ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪو به ڪم نه پيو ٿيو، پر شهري علائقا به تباهه لڳا پيا آهن. هن چيو ته ملڪ اميرن جي لاءِ ناهي ٺهيو، افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ سدائين اميرن جي خدمت ڪئي وئي آهي، پر غريبن کي ڪچليو ويو آهي. هن چيو ته آئون ڪراچي کي رڳو ڊفينس نٿو سمجهان، آئون لياري، ڪورنگي، سرجاني ٽائون ۽ گارڊن سميت ٻين علائقن کي ڪراچي سمجهان ٿو. ڪراچي ۾ به روڊ رستا تباهه ٿيل آهن، ڪچرو هر طرف نظر اچي ٿو. ماڻهو روڊن تي خيرات پيا گهرن ۽ مرن پيا. لياري ۾ تمام گهڻو هنر آهي. پر ان تي ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي. ڪراچي رڳو اها ناهي جنهن ۾ امير طبقو رهي ٿو. هن چيو ته سنڌو درياهه سڄي پاڪستان جي سڃاڻپ آھي ۽ اسان سنڌو درياهه کي بچائڻ چاهيون ٿا،مان درياهه مان آيو آهيان ۽ درياهه ۾ ئي واپس ويندس،هن چيو ته پ پ شهيد ڀٽو نوجوانن جي خواهش پوري نٿي ڪري سگهي ان ڪري اسان انهن کي نئين پارٽي ڏيڻ چاهيون ٿا