پي ٽي آءِ پاران ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ سان گڏجي سينيٽ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ناراض اڳواڻن خلاف مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ سان گڏجي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سينيٽ لاءِ پيپلز پارٽي جي اميدوار طلحه  محمود جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن آچر تائين پي ٽي آءِ جا ناراض اميدوار دستبردار نه ٿيا ته حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي چونڊ وڙهندا، طلحه محمود موجب، اهو فيصلو جنهن اجلاس ۾ ٿيو، ان ۾ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن سان گڏ علي امين گنڊاپور به شريڪ هو، جڏهن ته اپوزيشن طرفان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي، طلحه محمود ٻڌايو ته حڪومت ۽ اپوزيشن معاهدي تي عملدرآمد جي خاطري ڪرائي آهي، جنهن تحت حڪومت کي 6 ۽ اپوزيشن کي 5 سيٽون ملنديون، پي ٽي آءِ پارٽي نظم و ضبط جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ناراض اميدوارن خلاف ڪارروائي ڪندي، ان حوالي سان پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته سياسي ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته اهي اميدوار جن کي پي ٽي آءِ باني نامزد نه ڪيو هو، اهي پنهنجا ڪاغذ واپس وٺن، سياسي ڪميٽي جي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.