سکر (رپورٽ:اظھر علي دايو) پاڪستان ري پبلڪ پارٽي جي سربراهه ريحام خان چيو آهي ته عمران کي جن جيل ۾ وڌو آهي، اهي ئي ٻاهر ڪڍندس، جونيئر ذوالفقار سٺو آرٽسٽ آهي. سکر پريس ڪلب جو دورو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پارٽي مڊل ڪلاس جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي منشور تحت ٺاهي آهي. هن چيو ته ڪڏھن هڪ پارٽي سربراه جي ڌيء ته ڪڏهن ٻي پارٽي جي سربراه جو پٽ پنهنجو وارو وٺندا هتي جي عوام کي ريليف جي ضرورت. هن چيو ته هن بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ جا پئسا وڌايا ويا ۽ ٻي طبقي ليپ ٽاپ ورهايا ڇا ان سان ترقي ٿي سگهندي هن چيو ته ٽيڪس ڏيندڙ طبقو ايف بي آر جي پاليسين کان پريشان آهي ڪراچي ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سٺو آرٽسٽ آهي هن عمران خان جي پڇيل سوال تي ريحام خان چيو ته جيل ۾ جنهن هن کي جيل ۾ وڌواهي ئي ٻاهر ڪڍندس. هن چيو ته پارٽي ٺاهڻ جو مقصد غريب طبقي جي نمائندگي ڪرڻ آهي پارٽي ٺهندي ئي الزام تراشي شروع ٿي وئي ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته مون کي پنڊي جي حمايت حاصل آهي. . سنڌ سر سبز آهي سنڌ اندر کجين جا باغ ڏسي وڏي خوشي ٿي حيدر آباد ۾ انب جو باغ وڌيڪ آهي جتي سٺيون شيون آهن اتي مسئلا وڌيڪ آهن هن چيو ته سکر پريس ڪلب کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.