ڄامشورو (ڊ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياءُ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ وفاقي حڪومت پاران چناب ڊيم ٺاهڻ جي فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان وفاق طرفان سنڌودرياءَ تي تجويز ڪيل ڪنهن به ڊيم کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. پنهنجي جاري بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته هي فيصلو سنڌ جي پاڻيءَ تي سڌي ڌاڙي برابر آهي، جيڪو نه صرف آئيني ۽ جاگرافيائي حقيقتن جي ابتڙ آهي، پر سنڌ جي عوام سان وڏي ناانصافي پڻ آهي.هن چيو ته هي سازش اصل ۾ پنجاب ۽ اسٽيبلشمينٽ جي گڏيل رٿيل آهي، جنهن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جو اتحاد سنڌ دشمن منصوبن کي آسرائيندو پيو وڃي. هن چيو ته هي سڀ منصوبا بي ايماني، غير آئيني سوچ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش آهن. ديامر ڀاشا، مهمند ۽ هاڻ چناب ڊيم جي نالي سان سنڌ کي ان جي جائز پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. سنڌ اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهي، ۽ وڌيڪ ڊيم ٺاهي اسان جي دريائن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش اصل ۾ سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ بقا تي حملو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن انهن ڊيم منصوبن تي زور ڏنو ويو ته سنڌ جا ماڻهو خاموش نه ويهندا، پر پوري طاقت سان مزاحمت ڪندا. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وفاق پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته وڏي پيماني تي عوامي تحريڪ هلائي ويندي ۽ هر محاذ تي سخت مزاحمت ڪئي ويندي.