پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ اپوزيشن جي درخواست تي مخصوص سيٽن تي حلف برداري لاءِ خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي نامزد ڪري ڇڏيو.
اپوزيشن پارٽين طرفان پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪي پي اسيمبلي ۾ مخصوص نشستُن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف نه ورتو ويو آهي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي حلف برداري لاءِ ڪنهن شخص کي نامزد ڪري.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ جمع ڪرايل درخواست ڪي پي اسيمبلي جي اپوزيشن پارٽين، جن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ٻيون پارٽين شامل هيون طرفان داخل ڪئي وئي هئي.
پيپلز پارٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل پختونخوا جو چوڻ هو ته مخصوص سيٽن تي حلف نه وٺڻ سان آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي.
ياد رهي ته اڄ خيبر پختونخوا اسيمبلي جو اجلاس اٽڪل ٻه ڪلاڪ دير سان اسپيڪر بابر سليم سواتي جي صدارت ۾ شروع ٿيو، پر پي ٽي آءِ ميمبر شير علي آفريدي ڪورم جي نشاندهي ڪئي جنهن بعد اجلاس 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪيو ويو.
اجلاس ملتوي ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر ڊاڪٽر عباد الله چيو ته صوبو نابالغ سياسي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو آهي، اڄ مخصوص سيٽن تي حلف نه وٺڻ سان غير آئيني ۽ غير قانوني عمل ڪيو ويو آهي، اسان اڄ ئي پشاور هاءِ ڪورٽ سان درخواست ڪنداسين ته ميمبرن کان حلف وٺڻ لاءِ ڪنهن شخص کي فوري طور تي نامزد ڪيو وڃي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مخصوص سيٽن تي حلف برداري لاءِ گورنر ڪي پي کي نامزد ڪري ڇڏيو
You might also like