ارمغان طرفان مصطفيٰ عامر کي گاڏي ۾ باهه ڏئي قتل ڪرڻ جو اعترف

ڪراچي(رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت مصطفىٰ عامر قتل ڪيس جو چالان منظور ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي علائقي ڊفينس  ۾ مصطفىٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ جاري آهي، جنهن کي هاڻي ٽرائل ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي منتظم جج چالان منظور ڪندي چيو ته جوابدار ارمغان اعتراف ڪيو آهي ته هن، مصطفىٰ عامر کي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ بعد گاڏي ۾ باهه ڏئي قتل ڪيو، پوليس موجب، مصطفىٰ عامر جي اغوا جو ڪيس مقتول جي والده جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو، جڏهن ته قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان ۽ شيراز گرفتار ٿيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.