غلط پاليسين جي ور چڙهيل ۽ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پي ٽي آءِ

تحرير: رياض ابڙو 

سياست ڪجي ته اصولن جي ڪجي، هڪ ڳالهه تي ماڻهو بيهي رهجي، جيڪا ڳالهه اڄ هجي اها سڀاڻي به هجي. پر پي ٽي آءِ پنهنجي يوٽرن واري سياست زنده رکيون پئي آئي. هنن اهو نه سوچيو ته سياست ۾ استقامت به معني ٿي رکي. ڀلا جي هي مهڙ ۾ ئي فوج جي ڪلهن تي سوار ٿي نه اچن هان ته به هنن جي دال ڳري وڃي هان. پر هنن به روايتي سياست جو سهارو ورتو ۽ اسٽبلشمينٽ جي گهوڙي تي سوار ٿي وزيراعظم جي آفيس سنڀالي ۽ وري ان ڳالهه به تصديق ڪين ته اسٽبلشمينٽ ئي ڪُل ڪائنات آهي ۽ سڀني شين جو حل به آهي ان ۾ ڪرسي جي حاصلات به اچي وئي. هنن اها ڳالهه ڪئي به هئي ته وري اسٽبلشمينٽ کي پٺي نه ڏين هان، جو هنن وري پنهنجي مرضي هلائي ۽ اسٽبلشمينٽ کي ڪجهه نه سمجهين ۽ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ويٺا.

هاڻي ته پي ٽي آءِ وارا ٻه واٽي تي اچي بيٺا آهن، جو عمران خان کي جيل مان ڇڏائين يا حڪومت سان ڳالهيون ڪري سيٽن تي مخالف بڻجي ويهن ڳالهه ته نبرين ئي نه ٿي. ان ڪري ته هنن جي ”ون پوانٽ“ ايجنڊا ناهي. هنن جي ڳالهه به اها ٿي بيهي جو ”گهڻين مردين هر نه هلي ۽ گهڻين زالين گهر نه هلي“ هنن جو هڪ اڳواڻ ناهي رهيو، ڪڏهن بشري بيبي کي سامهون ٿا آڻين، جيڪا ملڪي سياست کي سمجهي ناهي سگهي، اها اڃان ستن پردن ۾ ٿي رهي. وري ڪڏهن ڪڏهن عليمه بيبي سياست جون واڳون ٿي سنڀالي جو اهي ٻئي عورتون پاڻ ۾ ٺهن ئي نه ٿيون. وري ڳالهه اها به ڪجي ته پي ٽي آءِ وٽ سواءِ عمران خان جي ڪو مضبوط پارٽي اڳواڻ نه هيو (۽ نه ئي آهي). شاھ محمود قريشي پارٽي ۾ هوندي به اٽي ۾ لوڻ برابر هيو، جو پارٽي ذري گهٽ پٺاڻن جي ٿي سڏجي. جيڪا به تحريڪ اڀري ٿي اها ڪي پي مان ٿي اڀري، پوءِ اها لانگ مارچ هجي يا عمران خان جي آزادي جي تحريڪ، پر بدقسمتي سان هيل تائين ڪا طاقتور تحريڪ ناهي اڀري، جيڪا عمران خان جو دفاع ڪري سگهي. ملڪي ۽ غيرملڪي ماڻهو اهو سمجهن ته هاڻي عمران خان آزاد ٿي نه سگهندو. ڇو ته ڪيسن جي آسري هيل تائين رڳو ڌٻڻ ۾ ئي ڦاٿا آهن جو هڪ ڪيس مان جان ٿي ڇٽين ته ٻئي ڪيس ۾ ڦاٿا پيا آهن. 9 مئي هنن جي پارٽي جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي جو جان نه ٿا ڇڏائي سگهن. عدت ۾ نڪاح واري ڪيس مان ته جان ڇٽي وين، پر مني لانڊنگ، القادر يونيورسٽي، فارين فنڊنگ، توشاخانا ۽ وري مٿان 9 مئي واري مصيبت. ان ڪري اهڙو ڪو لائحه عمل آڻي ناهن سگهيا جنهن مان اها ڳالهه سمجهي سگهون ته اهي هاڻي اصولي سياست به ڪندا.

سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ پر موروثي سياست اسان وٽ پارٽي جي زنده هجڻ ۽ رهڻ جون ضامن ضرور آهن، ڇو ته پارٽي کان ٻاهر ماڻهو ان پارٽي جي اثر ۽ زور کي محسوس نه ٿا ڪن، اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن پارٽي اندر عمران خان جو پٽ، زال، ڀيڻ يا ڀاءُ ڪنهن صورت اچن هان ته پارٽي زنده جاويد هجي هان. پر هنن ته پارٽي کي به ڪرڪيٽ ٽيم سمجهيو جو ڪڏهن هڪڙي کي واڳ ملي ته ڪڏهن وري ٻي کي. ان سان پارٽي جي ساک ۽ پت وڃائجي وئي ۽ پارٽي ۾ اهو مزو نه رهيو، جيڪو عمران خان پاڻ هلائي ويو. هاڻي به ساڳي تذبذب واري ڳالهه لڳي پئي آهي، پارٽي جو واڳون ڪنهن جي هٿ وس ناهن، ڪير ٿو ”پارٽي آپريٽ“ ڪري يا ڪنهن جي حصي ۾ ڪيتري حيثيت آهي سو سوال اڃان به باقي آهي.

علي امين گنڊاپور ته پارٽي کي يرغمال ڪيون ويٺو آهي، هر ڏينهن نئين ڌمڪي چاڙهي اسٽبلشمينٽ ۽ حڪومت کي به بليڪ ميل ڪيون ويٺو آهي، پر ڳالهين لاءِ نه حڪومت تيار آهي نه اسٽبلشمينٽ. هاڻي ڳالهيون ڪن ته ڪنهن سان ڪن، ۽ ڳالهين جو منڍ ۽ پڇاڙي ڇا هوندو؟، توشاخانا تي ڳالهيون ڪندا، فارين فنڊنگ تي ڳالهائيندا، مني لانڊرنگ واري ڪيس جي پوئواري ڪندا، القادر يونيورسٽي تي ڪي ڳالهيون ٿينديون، عمران خان پهرين پاڻ ٻاهر اچي پوءِ ڳالهيون ٿينديون يا اڳ ۾ ڳالهيون طئي ڪندا ته جيئن عمران خان ٻاهر اچي يا آخر ڇا؟ هنن جي ايجنڊا به سمجھ کان بالاتر آهي، ان ڪري پارٽي ۾ جيترا وات آهن اوتريون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن. هڪ ايجنڊا يا هڪ ڳالهه ناهي رهي، ڪڏهن سياسي پارٽين سان دشمني وجهي ٿا ويهن جو ڪنهن به پارٽي سان ڳالهين لاءِ تيار ناهن. نون ليگ سان ته نور ۽ نانگ واري ويڙھ لايون ويٺا آهن، پي پي سان ته ڳالهين لاءِ تيار ناهن يا ڪنهن ٻي پارٽي سان اتحاد هنن جو ٺهي نه ٿو (پر جڏهن اقتداري ڪرسي جي آڇ هين تڏهن ايم ڪيو ايم به صحيح هئي، جنهن ڪراچي جي گهٽي گهٽي ۽ ڀت ڀت تي 12 مئي 2007 دوران عمران زاني جا نعرا لکي هن کي واپس موٽڻ تي آماده ڪيو هين ۽ ڪراچي ۾ پير پائڻ نه ڏنو هينس. پر ان ٽائيم تي سڀ ڪجهه صحيح هيو، رڳو پي پي ۽ نون ليگ سان جهيڙو هيس ته زرداري ۽ نوازشريف صحيح ناهن باقي پورو ملڪ هنن پي ٽي آءِ وارن جي لاءِ صحيح هيو. سياست ۾ ڪا به ڳالهه حرفِ آخر ناهي هوندي سياست ۾ مصلحتون ڪري هلڻو پوندو آهي، جيڪا ڳالهه پي ٽي آءِ وارن جي دماغ ۾ ناهي، هي سمجهن ٿا ته هاڻي به 2018 واري اليڪشن ٿيندي يا هاڻي به هنن جي مٿان اسٽبلشمينٽ اڪن شڪن لڳي پئي هوندي. پر حالتون سدائين هڪجهڙيون ناهن هونديون ان ڪري سياست ۾ مفاهمت ۽ مصلحت کان ڪم وٺجي ته بهتر آهي.

پي ٽي آءِ جي اندر اختلاف وڏا آهن، هڪڙو هڪڙي ڳالهه ٿو چئي ته وري ٻيو ٻي ڳالهه ٿو چئي، ڇو جو اڳواڻي جو فقدان آهي، ڪو ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هر ڪنهن کي پنهنجي سياسي فلاسافي لڳي پئي آهي، هر ماڻهو پنهنجي ٿو هلائي ان ڪري وري ساڳي ڳالهه چئون ته عمران خان جي آزادي جي لاءِ ڪا ڀلي طاقتور تحريڪ ناهي هلي، جنهن مان عوام اهو سمجهي هان ته هاڻي عمران خان جيل مان ضمانت تي به آجو ٿي سگهي ٿو، پر هاڻي ته ڪا اميد ئي ناهي ته ڪجهه ٿيندو به. پنجاب جي پي ٽي آءِ وارن جي ڪي پي جي پي ٽي آءِ وارن سان يا سنڌ جي پارٽي اڳواڻن جي بلوچستان جي پي ٽي آءِ جي اميدوارن سان پئي ئي ڪا نه، ڇو ته پارٽي جي اندر جي ايترا اختلاف آهن ته عوام ڪاڏي وڃي ۽ ڪهڙي صوبي جي پويان لڳي پئي ۽ آخر پارٽي ڪٿي وڃي دنگ ڪندي.

عمران آزاد کپي يا ڪي پي وارن کي پارٽي آزاد کپي جنهن ۾ هي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري سگهن، ان ڪري هاڻي عمران خان جا ڪي ”بورڊ واريير“ به ڪا تحريڪ نه ٿا هلائي سگهن. عمران خان جي لاءِ سوشل ميڊيا به هاڻي ٺَپ لڳي پئي آهي، ڪا ڪوڪ دانهن ناهي رهي جنهن مان اهو سمجهون ته هاڻي ڪو انقلاب برپا ٿيندو. ”سوشل ميڊيا“ تي ”ڪي بورڊ واريير“ جي ڦشري جو ڪو آواز باقي ناهي رهيو، جيڪو مهم بازي هلائي سگهن، يا ڪجهه ڪري به سگهن. ان ڪري عوام به هاڻِ سمجهي ٿو ته جيڪو ٿئي ٿو اهو صحيح آهي ۽ نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل حڪومت کي مباھ آهي ته هو جيڪو ڪن ڪري سگهن ٿا ڪو به مخالف پارٽي ۾ ناهي رهيو، جنهن کي عوام جو درد ويڙهي وڃي، ڪو به آواز نه اٿندو، ان ڪري ته پي ٽي آءِ جهڙي پارٽي به اختلافن جي ورِ چڙهيل آهي، جن کي پنهنجي لڳي پئي آهي پوءِ گوءِ ۽ ميدان، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي نيبھ آهي ته هو پنهنجي مرضي جي حڪومت هلائي پنهنجا ڏينهن پورا ڪن.

مڃون ٿا ته 2023 واري اليڪشن ۾ سمورو ميڊيٽ پي ٽي آءِ وارن جو هيو ۽ هڪ خاص حرفت سان هنن کان اهو مينڊيٽ کسي ورتو ويو، پر ان جي لاءِ به ڪا تحريڪ نه هلي نه ڪا اهڙي مهم بازي جنهن مان اهو سمجهون هان ته هاڻي پي ٽي آءِ وارا گهر ويهڻ وارا ناهن پر ليڊرشپ جي فقدان پي ٽي آءِ جا ترا ڪڍي ڇڏيا، ۽ ملڪ جي وڏي پارٽي هاڻي ڪي پي جي پارٽي ٿي رهجي وئي آهي. ان ڪري ته ڪنهن به ڳالهه لاءِ ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ مان ڪو آواز نه ٿو اڀري سواءِ ڪي پي جي ۽ علي امين گنڊپور جي، جو اهو ٿا سمجهن ته هاڻي پارٽي ڄڻ رڳو ڪي پي ٿي وئي آهي ۽ هر تحريڪ ڪي پي جي حصي ۾ اچي وئي آهي ۽ شاھ محمود قريشي به لاورث بڻجي جيل جي سلاخن پويان ويٺو ٿو ڏينهن ڳڻي. هو اها ڳالهه به سمجهي ٿو ته جيستائين 2028 نه ٿو اچي تيستائين هنن جي دال به نه ڳرندي ۽ اهي پي ٽي آءِ وارا اجايا گوڙ ڪري ڪري ويهندي رهندا ۽ نون ليگ پي پي سان گڏ اتحادي حڪومت ائين ئي هلائيندي رهندي. اها ڳالهه هنن کي ان وقت سمجهڻ گهربي هئي جڏهن پيپلزپارٽي وارن هنن ڏي اتحادي جي حيثيت سان هٿ وڌايو هيو ۽ 2023 جي اليڪشن ۾ جي هي اتحادي سرڪاري جوڙي وجهن ها (جيڪا کڻي ممڪن ته هئي) ته عمران خان جو ڀلو ٿي وڃي ها، پر هاڻي ته هي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن جنهن مان نڪرڻ مشڪل ٿو لڳي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.