پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان مھانگائي ٿيڻ لازمي ڳالهھ آھي.ڇاڪاڻ جو ان جو اثر ٽرانسپورٽيشن کان ويندي منڊي تائين پھچندڙ شين تي سڌي ريت پوي ٿو.اصل ڳالهه ھي آھي تھ عوام کان لاتعلق بڻيل حڪمران غريب عوام بدران ملڪ جي اشرافيا جي مسئلن کي اھميت ڏئي ٿي جنھن ڪري غريب ۽ بي پھچ ماڻھن مٿان ھر ڀيري مھانگائي جو بار ڪيرايو وڃي ٿو. ملڪ ۾ معيشت جا ماھر اھو راڳ تھ ڳائين ٿا تھ حڪومت مضبوط ٿي رھي آھي ۽ ملڪ ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري اچي رھي آھي. ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو ملھھ بھتر ٿي رھيو آھي، جيڪڏھن ائين آھي تھ پوءِ ان جي لاڀ کان عوام کي ڇو محروم رکيو ويو آھي. حڪومت پاران لڳاتار ٽيون ڀيرو پيٽروليم جي شين ۾ ڪيل اضافي جا اثر اجھو ھئين ظاھر ٿي رھيا آھن.
نئين مالي سال جي ٽئين هفتي ۾ به مهانگائي وڌي وئي، هفتيوار بنياد تي مهانگائي جي شرح 0.38 سيڪڙو واڌ کانپوءِ سالياني مجموعي شرح ڪاٽو 1.61 سيڪڙو تي اچي وئي. حڪومت جي شماريات واري اداري مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آھي، رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 22 ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون، 9 شيون سستي ٿيون ۽ 20 شين جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي. ھن هفتي ۾ ڊيزل 4.15 سيڪڙو ۽ پيٽرول 2 سيڪڙو مهانگو ٿيو، هفتي ۾ ڪڪڙ 8.31 سيڪڙو ۽ آنا 5.87 سيڪڙو مهانگا ٿيا، بصر 1.76 سيڪڙو ۽ پٽاٽو 1.46 سيڪڙو وڌيا. ٿوم جي قيمت ۾ 1.70 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ٽماٽن،، اٽي، ۽ ايل پي جي، جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. حڪومتي دعوائن، در آمد جي جي اجازت ۽ قيمتن جي تعين باوجود، کنڊ جي قيمت 200 رپيا في ڪلو تائين برقرار آهي. ڪراچي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا شهري ملڪ ۾ سڀ کان مهانگي کنڊ خريدڻ تي مجبور آهن.
شماريات جي وفاقي اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 188 رپيا 4 پئسا في ڪلو تائين اچي وئي آهي، جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 40 پيسا في ڪلو جي معمولي گهٽتائي ڏيکاري ٿي. ڪراچي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ کنڊ جي قيمت سڀ کان وڌيڪ، 200 رپيا في ڪلو تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڳڻپ کاتي چوي ٿو ته هڪ سال اڳ ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 147 رپيا 18 پئسا في ڪلو هئي، جنهن جي مقابلي ۾ هاڻوڪي سراسري قيمت ۾ لڳ ڀڳ 41 رپيا في ڪلو جو واڌارو ٿيو آهي۔ ياد رهي ته حڪومت ۽ پاڪستان شوگر ملز ايسوسيئيشن جي وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو هو، جنهن تحت کنڊ جي ايڪس مل قيمت ايندڙ ٽن مهينن لاءِ هر مهيني 2 رپيا في ڪلو وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو۔ معاهدي تحت، 15 جولاءِ 2025 کان کنڊ جي ايڪس مل قيمت 165 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته 15 آگسٽ 2025 کان اها قيمت 167 رپيا ۽ 15 سيپٽمبر 2025 کان 169 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي۔ ساڳئي ريت، 15 آڪٽوبر 2025 کان ايڪس مل قيمت 171 رپيا في ڪلو تي آڻڻ تي اتفاق ٿيو هو۔
اڳي ئي مالي طور ڪمزور طبقي مٿان پوندڙ بار جي ڪري ھن وقت عوام ذھني طور دٻاءَ جو شڪار ٿي ويو آھي.بک،بيروزگاري ۽ مھانگائي جا ستايل ماڻھون ھڪ بيمار سماج تصوير پيش ڪري رھيا آھن، ٻئي پاسي وري حڪمرانن جي بي حسي جي ڪري معاشري ۾ ڏوھن جو گراف وڌي رھيو آھي.
خرچ جي مقابلي ۾ گھٽ ڪمائي سگھندڙ اڪثريت ھاڻي مھانگائي جي ڪري سھپ جي آخري ڏاڪي تي پھچي چڪي آھي، مھانگائي جي ڪري ملڪ جو ماڻھو ڳڻتي ۾ ورتل آھي، جنھن جو مجموعي طور تي سموري سماج تي ناڪاري اثر پئجي رھيو آھي عوام کي اھا بھ شڪايت آھي ھتي عوام جي جان، مال ۽ عزت محفوظ نھ آھن ۽ ھر طرف ھر وقت انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي دانھن بھ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. اظھار جي آزاديءَ، عوام جا حق غير محفوظ بڻجي ويا آھن.بجلي ۽ گئس جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي پڻ ماڻھن جون متيون منجھائي ڇڏيون آھن. بدقسمتي سان ھن ملڪ ۾ ڪنھن بھ حڪومت حقيقي معنيٰ ۾ عام ماڻھون جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪڏھن ڪا ڪوشش نھ ڪئي آھي.جنھن ڪري ورھين کان صحت،تعليم، سفري توڙي ٻين گھربل سھولتن کان وانجھيل ماڻھن ۾ ويڳاڻپ جنم ورتو آھي، جيڪو ھڪ خطرناڪ لاڙو آھي، ان جو سموري معاشري تي اثر پئجي رھيو آھي.
ھتي ڪڏھن جمھوريت جو ٻوٽو اسريو ئي نھ آھي،تنھنڪري ان جون پاڙون توڙي ان جي ڦل کان بھ سموري خلق گھڻي واقف نھ آھي.ھڪ اھڙو سسٽم ھجي جتي حقيقي معنيٰ ۾ ھر شھري جا ھڪجھڙا حق ھجن جتي ھر ماڻھون پنھنجي سوچ ۽ فڪر ۾ آزاد ھجي جتي ھر ڪو حڪمرانن کان سوال ڪرڻ جي جرئت ڪري سگھي، جتي ماڻھن جي جان مال ۽ عزت عملي طور تي محفوظ ھجي تھ ان سان ئي جمھوريت ۽ جمھوريت جي اصول اڳتي وڌي ويجھي ۽ اسري نسري سگھن ٿا، ٻي صورت ۾ جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي ان سان عام ماڻھون حڪومتي ادارن کان بيزار ٿي ويندو ۽ ان جا ھڪ عرصي تائين جيڪي اثر ٿيندا اھي سڀني کي ڀوڳڻا پوندا.
حڪومت جو اصل ڪم ملڪ جي پيڙھيل طبقي جي لاءِ سھولتون پيدا ڪرڻ ۽ انھن جا مسئلا گھٽ ڪرڻ ھوندو آھي تھ جئين سماج اڳتي وڌي سگھي پر حڪمرانن جي لاتعلقي اھا شاھدي ڏئي ٿي تھ عوام جي ڪنھن بھ مسئلي سان انھن کي ڪا بھ دلچسپي نھ آھي. اھو ئي سبب آھي جو عام ماڻھون وقت گذرڻ سان گڏ حڪومت کان بيزار ٿيندي نظر اچي رھيو آھي.
وقت جي حڪومت کي گھرجي تھ عوام جي مسئلن جھڙوڪ مھانگائي،بيروزگاري ۽ امن امان جي لاءَ ٺوس قدم عوام کي عملي طور تي ان جا نتيجا ڏنا وڃن جئين سماج ۾ ٿوري گھڻي باقي بچيل ھم آھنگي وڌيڪ متاثر نھ ٿئي. ٻي صورت ۾ حڪمرانن جيڪو رويو اختيار ڪيو آھي، ان سان نھ رڳو حڪومت جي ساک ختم ٿي رھي آھي بلڪھ ان خلاف نفرت وڌي رھي آھي.